ڪراچي پوليس جا مبينا مقابلا، 3 زخمين سميت 7 ڦورو گرفتار

ڪراچي (رپورٽر ) نيو ڪراچي انڊسٽريل ايريا، شاهه لطيف ۽ سهراب ڳوٺ پوليس مقابلي بعد شهرين کان ڦر ڪيل هٿيار، موبائل فون ۽ ٻيو سامان هٿ ڪري 3 زخمين سميت 7 ڦورن کي گرفتار ڪري ورتو. نيو ڪراچي انڊسٽريل ايريا پوليس جو لاسي ڳوٺ وٽ مبينا مقابلو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، ڪراچي پوليس جي ترجمان موجب زخمي جوابدار جي سڃاڻپ محمد احمد ولد محمد جميل جي نالي سان ٿي آهي، شاهه لطيف پوليس جو قائدآباد پل هيٺان چراغ ڪالوني وٽ مبينا مقابلو ٿيو، مقابلي دوران هڪ زخمي سميت پوليس 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ترجمان موجب زخمي جوابدار جي سڃاڻپ شعيب علي ولد نواب سان ٿي آهي، جڏهن ته ٻين جوابدارن ۾ جنيد علي، نديم، يار محمد ۽ مير ولي شامل آهن. گرفتار جوابدار اسٽريٽ ڪرائم جي ڪيترن ئي وارداتن ۾ ملوث آهن، جوابدارن وٽان 3 پستول، 6 ڦر ڪيل موبائيل فون، روڪ رقم ۽ 2 موٽرسائيڪلون، چوري ٿيل موبائل فون ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو آهي. سهراب ڳوٺ پوليس ڪچا پڪا روڊ گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڀرسان مبينا مقابلي بعد هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو، جنهن جي سڃاڻپ 37 ورهين جي حيدر ولد محمد حسن طور ٿي.گرفتار جوابدار وٽان هڪ پستول، بارودي مواد ۽ موبائل فون هٿ ڪيا ويا.گرفتار جوابدار جو هڪ فرار ٿي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.