نگران سرڪار پاران فوجي عدالتن ۾ شهرين جي فوجي ٽرائل روڪڻ جو فيصلو چئلينج

اسلام آباد (م ڊ) بچاءَ واري وزارت کانپوءِ نگران حڪومت به سپريم ڪورٽ جو فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جو ٽرائل روڪڻ وارو فيصلو چئلينج ڪري ڇڏيو. سپريم ڪورٽ ۾ وفاقي حڪومت طرفان اٽارني جنرل  عثمان منصور انٽرا ڪورٽ اپيل داخل ڪئي جنهن ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته سپريم ڪورٽ جو عام شهرين جي فوجي عدالتن ۾ ٽرائل خلاف فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ۽ اپيل تي فيصلي تائين پنج رڪني بئنچ جي فيصلي تي منع نامو جاري ڪيو وڃي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته فوجي عدالتن جي ڪيس ۾ جوڙيل بئنچ سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر تحت نه هيو، سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني بئنچ قانون پٽاندڙ نه هئڻ سبب فيصلو به غيراثرائتو آهي. وفاق جي درخواست ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت واضح ڪري ٿي ته نوَ مئي وارن واقعن ۾ قيد سمورن جوابدارن جو ملٽري ٽرائل نٿا چاهيون، ملٽري ٽرائل رڳو انهن ماڻهن جو ٿيندو جن تي آفيشل سيڪرٽ ايڪٽ جا قلم لڳا آهن. فوجي عدالتون نوَ مئي وارن واقعن ۾ ملوث ماڻهن لاءِ خاص طور تي قائم ناهن ڪيو ويون، فوجي عدالتون انهن ماڻهن جو ٽرائل ڪنديون جيڪي فوجي ٿاڪن کي نقصان رسائڻ ۾ ملوث هئا. ٻئي پاسي بچاءَ واري وزارت به فوجي ٿاڪن تي حملن جي جوابدارن جو ٽرائل فوجي عدالتن ۾ نه ڪرڻ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست داخل ڪرائيندي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جا ڪالعدم قرار ڏنل قلم بحال ڪرڻ جي اپيل ڪئي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته آرمي ايڪٽ جي ڪالعدم قرار ڏنل قلم 59 چار به بحال ڪيو وڃي، اپيلن تي قطعي فيصلي تائين فوجي عدالتن ۾ ٽرائل روڪڻ خلاف منع نامو جاري ڪيو وڃي. درخواست ۾ چيو ويو ته سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني بينچ جن درخواستون تي فيصلو ڏنو هو اهي ٻڌڻ جوڳيون نه هيون، آرمي ايڪٽ ۽ آفيشل سيڪرٽ ايڪٽ جون شقون ڪالعدم قرار ڏيڻ سان ملڪ کي وڏو نقصان ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.