ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي سرجاڻي ٽائون پوليس ٽيڪنيڪل بنيادن تي ڪارروائي ڪندي پاڻ کي سرڪاري آفيسر ظاهر ڪري گهرن ۾ گهڙي ڦر لٽ ڪندڙ گروهه جي 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. گرفتار جوابدارن جي قبضي مان غير قانوني هٿيار، سونا زيور، موبائل فون، پرس، ايل سي ڊيز ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جو گروهه 6 ڄڻن تي ٻڌل آهي، جن مان ارباز ۽ جنيد سرائيڪي کي گرفتار ڪيو آهي. پوليس موجب گرفتار جوابدار ڪپڙا تبديل ڪري وارداتون ڪندا هئا، جن شروعاتي جاچ ۾ ڪيترن ئي وارداتن ۾ ملوث هجڻ جو انڪشاف ڪيو آهي.جوابدار 2 نومبر تي علي محمد ڳوٺ لياري سرجاڻي ۾ گهر اندر داخل ٿيا، جمشيد ۽ سندس 10 ورهين جي پٽ کي رسي سان ٻڌي اکين ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو، گهر مان سونا زيور، لائسنس يافته 30 بور پسٽل، 80 هزار رپيا روڪ رقم ۽ ڊٻو پيڪ موبائل فون چوري ڪري فرار ٿي ويا. 19 سيپٽمبر تي سرجاڻي اجمير ڳوٺ ۾ جوابدار عبدالخالق نالي شهري جي گهر ۾ داخل ٿي سرڪاري اهلڪار هئڻ جي ناتي گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي سونا زيور ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا. 16 فيبروري تي سرجاڻي يارو خان ڳوٺ ۾ جوابدار نورجهان نالي عورت جي گهر ۾ داخل ٿي پوليس اهلڪار هجڻ جو بهانو بڻائي گهر ۾ موجود ماڻهن کي ڪمري ۾ بند ڪري گهر جي الماڙي مان سونا زيور، روڪ رقم ، موبائل فون ۽ قيمتي سامان ڦر ڪري ويا. 30 آگسٽ تي سرجاڻي ٽائون جي گدو ڳوٺ واري علائقي ۾ جوابدار بشارت نالي هڪ شهري جي گهر ۾ ساٿين سميت داخل ٿي 20 لک رپيا ڦر ڪري ويا. جوابدارن خلاف سرجاڻي ٽائون پاڪستان بازار ٿاڻي ۾ 9 کان وڌيڪ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. پوليس جوابدار جي ٻين 4 ساٿين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻي رهي آهي.