ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي گهرو وزير برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز سان صحافين جي جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي اڳواڻن کي خاطري ڪرائي آهي ته شهيد جان محمد مهر جي قاتلن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو،، ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر وحيدر راڄپر جي اڳواڻي ۾ صحافي تنظمين جي اڳواڻن جي ايم جمالي، غازي جهنڊير، امداد سومرو، عاجز جمالي، سليم جهنڊير ۽ ٻين نگران گهرو وزير حارث نواز سان ملاقات ڪئي ۽ شهيد جان محمد مهر قتل ڪيس ۾ اڳڀرائي بابت مختلف پاسن تي ڳالهايو، ٻئي طرف شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪراچي ۾ 20 نومبر تي احتجاج جو سڏ پڻ ڏنو ويو آهي.