سامارو لڳ نابالغ نياڻي سان لڄالٽ، ڳورهاري هجڻ جو انڪشاف، جوابدار گرفتار نه ٿيو

سامارو ( ن ع آ ) سامارو لڳ نابالغ نياڻي سان زوري لڄالٽ ۽ ڳورهاري هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. لياقت رستي ويجهو ڳوٺ حاجي جاني ڪپري رهواسي باول ڪپري پنهنجي ڌيءُ شائلا سميت ساماري ٿاڻي تي پهچي.  عورت چيو ته سندس 14 ورهين جي نياڻي شائلا ڪپري کي وحشي جوابدار مٺو ڪپري ورغلائي ڪيتري عرصي کان  زوري زنا ڪندو رهيو آھي، جنهن مان کيس چئن مهينن جو پيٽ ٿيو آھي، هن چيو ته جوابدار موت مار ڌمڪيون ڏئي رهيو آھي، اسان سان وڏو ظلم ڪيو آھي. جوابدار خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. اهڙي درخواست تي ساماري پوليس نينگري جي ميڊيڪل لاءِ ليٽر جاري ڪندي تعلقه اسپتال اماڻيو. پوليس موجب الزام هيٺ آيل جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن. آخري اطلاعن تائين گرفتاري نه ٿي سگهي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.