اسلام آباد(م ڊ) فوجي عدالتن بابت ٺهراءُ جي منظوري تي سينيٽ ۾ سينيٽرن پنهنجي سيٽن تي بيهي احتجاج ڪيو ۽ نعريبازي ڪئي. ان صورتحال تي سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو ته هاڻي سوالن جو دور آهي، ايوان جو احترام ڪري پنهنجي سيٽ تي ويهو. ان موقعي تي سينيٽر سعديه عباسي چيو ته جيستائين سينيٽ مان منظور ڪيل ان قرارداد تي ڳالهه نه ٿيندي ايوان کي اڳتي وڌڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته ان ڏينهن ٿورا ميمبر ئي ايوان ۾ هئا. سينيٽر ڪامران مرتضيٰ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي چيو ته اها قرارداد پاس ڪري اسان خراب ڪم ڪيو آهي. سينيٽر زرقا سهروردي به ان قرارداد جي منظوري تي سينيٽ ۾ بحث ڪرڻ تي زور ڏنو. سينيٽر سعديه عباسي چيو ته سينيٽ مان منظور ٿيل قرارداد تي جيستائين ڳالهائڻ نه ڏنو ويندو ايوان کي هلڻ نه ڏينداسين. سينيٽرن جي احتجاج ۽ گوڙ بعد سينيٽ چيئرمين اجلاس سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.سينيٽ آرمي ايڪٽ ۾ ترميم بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف ٺهراءُ اڪثريتي راءِ سان منظور ڪيو هو، پيپلزپارٽي جي سينيٽر رضا رباني ۽ جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد ٺهراءَ جي مخالفت ڪئي هئي