پشاور ( م ڊ) جمعيت علماءَ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پاڪستان ڪلمي جي نالي تي حاصل ڪيو پر اسان نظرياستي وطن جو حق ادا نه ڪيو، اسان کي پراڻي لڪيرن کي مٽائي نئين مستقبل لاءِ رستو ٺاهڻو پوندو. پشاور ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته صوبي ۾ اڳتي جي يو آءِ اڪثريت حاصل ڪندي، اڄوڪي جلسي مان ثابت ٿيو ته ايندڙ حڪومت اسان جي آهي. هن چيو ته پاڪستان لاءِ لکين ماڻهن قربانيون ڏنيون هاڻ اسان کي وطن ۾ انقلاب جي نئين واٽ ڳولڻي پوندي، اسان کي عالمي سازشن جو ڄمي مقابلو ڪرڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته اسان جي فوج کي بليڪ ميل ڪيو پيووڃي، پاڪستان کي معاشي بحران جو شڪار ڪرڻ حادثو ناهي ايڏي معاشي تباهي حادثاتي طور تي ناهي ٿيندي، ان پٺيان ڪشمير ورهائڻ ۽ اسرائيل کي قبول ڪرڻ جو منصوبو هو. فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي موجودا صورتحال جو ذميوار رڳو عمران خان نه پر پراجيڪٽ متعارف ڪرائڻ وارا قمر باجوا ۽ فيض حميد به آهن.نااهل چيو ته پاڪستان جو معاشي بحران ڪنهن حادثي جو بنياد ناهي، اهڙي معاشي تباهي حادثي سان نه ٿي اچي پر ان جي پويان ڪشمير کي ورهائڻ ۽ اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جو منصوبو هو، خيبرپختونخواهه ۾ حڪومت ٺاهي وئي، ان روايت کي نقصان پهچايو ۽ اسلامي قدرن تي نه رڳو عمران خان پر ان منصوبي جي شروعات ڪندڙ قمر باجوا ۽ فيض حميد به پاڪستان جي موجوده صورتحال جا ذميوار آهن.