اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ به عدالتي نظام ۾ جدت آڻڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، ان سلسلي ۾ چيف جسٽس ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. جنهن جو سربراهه جسٽس منصور علي شاهه آهي. جوڊيشل آٽوميشن ڪميٽي عدالتي نظام ۾ ڊجيٽل جدت آڻڻ ۽ انصاف جي بهتري سان ڪيسن جي طريقيڪار لاءِ موبائل ايپ ٺاهيندي. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهي ۾ نيشنل جوڊيشل آٽوميشن ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، جنهن ۾ جسٽس محمد علي مظهر کانسواءِ هاءِ ڪورٽ ۽ وفاقي شرعي عدالتن جا جج به شامل آهن. جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪميٽي عدالتي نظام ۽ تحقيق ۾ مصنوعي ذهانت کي متعارف ڪرائيندي، جسٽس منصور علي شاهه جو چوڻ آهي ته عدليه کي ٽيڪنالاجي ۾ جدت آڻڻ گهرجي، جسٽس منصور علي شاهه جو چوڻ آهي ته دنيا صنعتي انقلاب کان وٺي ٽيڪنالاجي ڏانهن وڌي رهي آهي، اهو. وقت اچي ويو آهي ته پاڪستان جي عدالتي نظام کي جديد ٽيڪنالاجي ۽ تربيتي پروگرامن سان روشناس ڪرايو وڃي.