اسلام آباد (عوامي آواز نيوز ) پاڪ فوج جي سربراهه آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته رياست کانسواءِ ڪنهن به اداري يا گروهه کي طاقت جي استعمال جي اجازت نه ڏني ويندي، هٿياربند ڪارروائي ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نه آهي، رياست کانسواءِ ڪنهن به گروهه کي هٿياربند ڪارروائي جو حق نه آهي. مذهبي عالمن سان ملاقات ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير واضح ڪيو ته انتهاپسندي، فرقيواريت ۽ دهشتگردن جي گمراهه ڪندڙ پروپيگنڊا جي خاتمي لاءِ عالم سڳورن جي فتوا ” پيغام پاڪستان “ ساراهه جوڳو عمل آهي، مشائخ ۽ عالم گمراهه ڪندڙ پروپيگنڊا جي تدارڪ سان گڏ اندروني اختلافن کي ختم ڪرڻ لاءِ به ڪوششون ڪن ۽ نوجوانن جي قرآن پاڪ ۽ سنت جي تعليم تحت ڪردار سازي ڪن. عالمن جو ان حوالي سان ڪردار اهم آهي، مذهبي عالمن اتفاق راءِ سان غير ملڪين کي پنهنجن ملڪن ڏانهن موڪلڻ جي به حمايت ڪئي ۽ پاڪستان ۾ دستاويزي ۽ پاسپورٽ نظام لاڳو ڪرڻ جي به ڀرپور حمايت ڪئي. فورم اسمگلنگ، ذخيره اندوزي ۽ بجلي چوري خلاف ڪارروائي جي به حمايت ڪئي، ان موقعي تي عالمن چيو ته اسلام امن ۽ هم آهنگي جو مذهب آهي. ڪجهه عنصر ذاتي مفادن لاءِ مذهب جي ٽوڙي مروڙي تشريح ڪري رهيا آهن، جن جو اسلامي تعليم سان ڪو به تعلق نه آهي، عالم سڳورن سيڪيورٽي فورسز جي امن لاءِ اڻٿڪ ڪوششن جي ڀرپور حمايت جو عزم ڪيو، مذهبي عالمن اتفاق راءِ سان انتهاپسندي، دهشتگردي ۽ فيواريت جي مذمت ڪئ ، ملڪ ۾ امن ۽ رواداري لاءِ رياستي ڪوششن جي به ڀرپور حمايت جاري رکڻ جو عزم ورجايو آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته بنا مذهبي فرق، صوبائي يا نسلي فرق جي ملڪ پاڪستانين جو آهي.