اسرائيل جو غزا جي الشفا اسپتال جو گهيرو، آءِ سي يو ۾ موجود سمورا مريض شهيد ٿي ويا

غزا  ( م ڊ ) فلسطيني علائقي غزا ۾ الشفا اسپتال جي اسرائيلي گهري سبب طبي سهولتن جي کوٽ سبب انتهائي نگهداشت واري وارڊ ۾ موجود سمورا مريض شهيد ٿي ويا. اسرائيل پاران الشفا اسپتال جو گهيرو جاري آهي، سوين ماڻهو ڦاٿل آهن ۽ طبي سهولتن جي کوٽ سبب مريضن جون زندگيون خطري ۾ آهن. گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته اسرائيلي فوج الشفا جي ريڊيولاجي ڊپارٽمينٽ کي تباهه ڪيو ۽ اسپتال مان ڪيترائي لاش ڪڍيا. الشفا اسپتال جي ڊائريڪٽر موجب الشفا اسپتال ۾ آءِ سي يو جو ڪو به مريض زنده ناهي، الشفا ۾ 22 فلسطيني فوت ٿي ويا جڏهن ته 3 ڏينهن ۾ 55 ڄڻا فوت ٿيا. اسرائيل گهيري سبب 23 لک ماڻهن پاڻي، خوراڪ ۽ ٻارڻ جي فراهمي کان محرم آهن جڏهن ته مواصلاتي رابطا پڻ بند ڪيا ويا آهن، غزا جا 50 سيڪڙو گهر تباهه ٿي ويا آهن. فلسطين جي سرڪاري ميڊيا جو چوڻ آهي ته غزا تي اسرائيل طرفان 7 آڪٽوبر کان شروع ڪيل حملن ۾ مارجي ويلن جو انگ 12 هزار تائين پهچي ويو آهي. رائٽرز نيوز ايجنسي جي رپورٽ موجب حڪومت جو چوڻ آهي ته مارجي ويلن ۾ 5 هزار ٻار ۽ 3 هزار 300 عورتون به شامل آهن ۽ 30 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.