اڳوڻو پرڏيهي وزير گوهر ايوب 86 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

اسلام آباد ( م ڊ ) اڳوڻو پرڏيهي وزير ۽ قومي اسيمبلي جو اڳوڻو اسپيڪر گوهر ايوب 86 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. خانداني ذريعن گوهر ايوب جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي، سندس جنازي نماز اڄ ادا ڪئي ويندي. واضح رهي ته گوهر ايوب اڳوڻي فيلڊ مارشل صدر ايوب خان جو پٽ ۽ پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل عمر ايوب جو والد هو. گوهر ايوب خان 15 جنوري 1937ع تي ضلعي هريپور جي ڳوٺ ريحانه ۾ پيدا ٿيو. هو 4 نومبر 1990ع تي قومي اسيمبلي جو اسپيڪر چونڊيو ويو ۽ 17 آڪٽوبر 1993ع تائين ان عهدي تي رهيو. ان کان علاوه گوهر ايوب خان نواز شريف جي دور حڪومت ۾ 1997ع کان 1998ع تائين پاڪستان جو پرڏيهي وزير به رهي چڪو. ملڪ جي سياسي اڳواڻن اڳوڻي پرڏيهي وزير گوهر ايوب جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.