ڪراچي (رپورٽر ) پ پ اڳواڻ ناصر حسين شاهه اڊيالا جيل ۾ قيد اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين کي پنهنجين ڪوتاهين تي ڌيان ڏيڻ جو مشورو ڏيندي چيو آهي ته چاهيون ٿا ته پي ٽي آءِ چيئرمين چونڊن ۾ حصو وٺي پر ان لاءِ اڳوڻي وزيراعظم پنهنجي سياسي طرز تبديل ڪري ۽ پنهنجين ڪوتاهين تي ڌيان ڏئي.ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ناصر حسين شاهه چيو ته پ پ حڪومت ۾ نه آهي، نگران حڪومت ۾ به عوام پ پ کي چاهي ٿو ۽ افتتاحي تقريبن ۾ گهرائي ٿو، اها ئي خدمت آهي جنهن تحت عوام پ پ کي وري اقتدار ۾ آڻيندو. هن چيو ته 9 مئي واقعي ۾ ملوث ماڻهن خلاف قانون موجب فيصلو ٿيڻ گھرجي. ناصر شاهه چيو ته استحڪام پاڪستان پارٽي پي ٽي آءِ جا ووٽ ورهائي سگھي ٿي، استحڪام پاڪستان پارٽي جو اڃا ڪو به مستقبل نظر نه پيو اچي، چاهيون ٿا ته پي ٽي آءِ چيئرمين چونڊن ۾ حصو وٺي. پ پ اڳواڻ چيو ته پ پ سدائين بزنس ڪميونٽي جو ساٿ ڏنو ۽ بزنس ڪميونٽي به ڏئي، پ پ ڀتو ناهي گھرندي نه ئي پرچي جي سياست ڪندي آهي، چئني صوبن ۾ پ پ جي پوزيشن سٺي آهي، قومي اسيمبلي جي سڀ کان وڏي جماعت پ پ هوندي. سندس چوڻ هو ته غيرقانوني پرڏيهي کي عزت سان واپس موڪليو وڃي، سڄي دنيا ۾ گرين پاسپورٽ افغانين جي ڪري بدنام ٿيو، اڄ به 10 هزار جي ويجهو ماڻهو روز پاڪستان اچي رهيا آهن.