اسلام آباد ( م ڊ ) قومي احتساب بيورو (نيب) 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ڪيس ۾ اڊيالا جيل ۾ قيد پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کان جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. جيل ذريعن موجب نيب جي 3 رڪني ٽيم پي ٽي آءِ چيئرمين کان پڇا ڳاڇا ڪئي ۽ اها جاچ اڍائي ڪلاڪ جاري رهي. جيل ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب ٽيم ۾ سردار مظفر، محسن هارون ۽ اويس شامل آهن. جيل ذريعن جو چوڻ آهي ته عدالت جي حڪم تي نيب ٽيم 15 نومبر تي جيل ۾ جاچ شروع ڪئي هئي ۽ نيب ٽيم پي ٽي آءِ چيئرمين کان پڇا ڳاڇا ڪرڻ بعد اڊيالا جيل مان راوني ٿي وئي هئي.