ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور جي سنگل بئنچ ۾ جي پي ايم سي (جناح اسپتال )۾ غير قانوني ڀرتين جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت سمورن ڌرين جو موقف ٻڌڻ کانپوءِ ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو، عدالت ۾ درخواستگذارن جي وڪيلن، جناح اسپتال جي وڪيل ۽ سرڪاري وڪيل سميت ٻيا پيش ٿيا، درخواستگذارڊاڪٽرآصف احمد قريشي، ڊاڪٽر محمد نعيم سميت ٻين جي وڪيلن موقف اختيار ڪيو ته جناح اسپتال ۾ جيڪي ڀرتيون ڪيون ويون آهن هو غيرقانوني آهن، سنڌ سرڪار کي ڪو به اختيار ناهي ته هو جناح اسپتال ۾ ڊاڪٽر ۽ ٻيمن آفيسرن جون ڀرتيون ڪري، گريڊ 18 ۽ 19 جون ڀرتيون ڪرڻ جو صرف اختيار وفاقي سرڪار وٽ آهي، درخواستگذارن جي وڪيلن جو چوڻ هو ته هي واضح ناهي ته جناح اسپتال وفاقي حڪومت جي آهي يا سنڌ حڪومت جي آهي، ملازمن ۾ پريشاني واري صورتحال آهي.