ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نديم اختر ۽ جسٽس عبدالرحمان تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڪراچي ۾ غيرقانوني حدخلين ختم نه ڪرڻ ۽ عدالتي حڪم تي عمل نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهارڪندي چيو ته ڪي ڊي اي سست ادارو آهي، ڪجهه نه پيو ڪري، سنڌ هاءِ ڪورٽ 5 ڊسمبر تي ڪي ڊي اي جي ڊجي کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، درخواستگذار فيض محمد لاشاري چيو ته گلستان جوهر بلاڪ 40 ۾ 1991ع ۾ پلاٽ نمبر 2 ۽ پلاٽ نمبر 3 خريد ڪيا هئا جنهن ته قبضو ڪيو ويو آهي متبادل پلاٽ ڏنا وڃن، عدالت چيو ته بار بار چوڻ جي باوجود عدالتي حڪم تي عمل ناهي ٿيو، آخري مهلت ڏئي رهيا آهيون.