ماڻھن جو خيال رکو ۽ ميرٽ کي مقصد بڻايو: آءِ جي سنڌ

ڪراچي ( رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) آءِ جي سنڌ چيو رفعت مختار راجا چيو آهي ته ماڻھن جو خيال رکو ۽ ميرٽ تي ڪم ڪرڻ کي پنهنجو مقصد بڻايو، پوليس کاتي ۾ سٺي نالي ۽ سٺي شهرت لاءِ ضروري آهي ته توهان عوامي مفاد کي اوليت ڏيو ۽ پنهنجو پاڻ کي سچو ۽  هڪ لحاظ کان عوام جو خادم بڻايو. آءِ جي سنڌ رفعت مختار راجا اسڪائوٽ آڊيٽوريم ۾ ڊي ڪورس ۾ شرڪت ڪندڙ انسپيڪٽرز ان لا اينڊ انويسٽيگيشن کي خطاب ڪندي قانون ۽ جاچ جي اهم موضوع تي مختلف پاسن کان حاصل ڪيل معلومات کان آگاهه ڪيو. سوالن جوابن جي سيشن دوران آءِ جي سنڌ چيو ته پهريون قدم پوليس ۾ ڀرتيون ميرٽ ۽ قابليت جي بنياد تي ڪرڻ آهي ۽ ٻيو مرحلو تربيت آهي. آءِ جي سنڌ وڌيڪ چيو ته قانون ۽ جاچ جهڙن معاملن ۾ ذميواري پوليس يا وڪيل جي ناهي، باشعور شهري به ڄاڻ حاصل ڪن، ڇو ته باشعور شهري ئي محفوظ معاشرو ٺاهي سگهن ٿا،  ان موقعي تي ڊي ڪورس جي مڪمل ڪرڻ تي سمورن انسپيڪٽرن کي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي، ڊي آءِ جي اسٽيبلشمينٽ، ڊي آءِ جي ايڊمن، زونل ڊي آءِ جيز، ضلعي ايس ايس پي ڪراچي ۽ ايس ايس پي انويسٽيگيشن پڻ موجود هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.