اسلام آباد(م ڊ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) 20 لک نوان ٽيڪس ڏيندڙن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ ۽ نان فائلرز خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي. ايف بي آر اختيارين موجب فيصلو ڪيو ويو آهي ته ٽيڪس گوشوارا جمع نه ڪرائيندڙن جا بجلي ۽ گئس ڪنيڪشن ڪٽيا ويندا ۽ انهن جا موبائيل فون نمبر به بلاڪ ڪيا ويندا. اختيارين موجب ايف بي آر جون 2024 تائين 15 کان 20 لک نوان ٽيڪس ڏيندڙن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ايف بي آر اختيارين موجب سڄي ملڪ ۾ 145 ضلعي ٽيڪس آفيسون قائم ڪيون ويون آهن ته جيئن ٽيڪس جو دائرو وسيع ڪيو وڃي. آفيسرن موجب، نيون آفيسون جون 2024 تائين 15 کان 2 ملين نون ٽيڪس ڏيندڙن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻينديون، نئين شروعات سان ٽيڪس کان جي ڊي پي جي تناسب کي گهربل سطح تائين وڌائڻ ۾ مدد ملندي. ايف بي آر اختيارين موجب ان لينڊ روينيو گريڊ 17 ۽ 18 جا آفيسر انهن آفيسن جا سربراهه هوندا، اهي آفيسون قائم ڪرڻ سان سمورن امڪاني ٽيڪس ڏيندڙن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ جو رستو هموار ٿيندو. اختيارين موجب امڪاني ٽيڪس ادا ڪندڙن بابت ٽئين پارٽي ڊيٽا گڏ ڪري استعمال ڪئي ويندي، مختلف ادارن ۽ کاتن کي آٽوميٽڪ ٽرانسميشن سسٽم ذريعي ڊيٽا فراهم ڪرڻي پوندي. ايف بي آر اختيارين موجب چيئرمين نادرا ڊيٽا انٽيگريشن ذريعي ايف بي آر جي مدد ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي.