ڪراچي (رپورٽر) ڪسٽم انٽيليجنس رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته افغان ٽرانزٽ ٽريڊ سبب پاڪستان کي غير معمولي مالي نقصان جو منهن ڏسڻو پيو ۽ افغان امپورٽس اسمگل ٿي پاڪستان ۾ ئي وڪرو ٿينديون رهيون. ڪسٽم اختيارين جي رپورٽ موجب، پاڪستان جي پنجويهه ڪروڙ جي مقابلي افغانستان جي رڳو پنج ڪروڙ آبادي لاءِ پاڪستان جي رستي افغان ٽرانزٽ ٽريڊ ڪيئي ڀيرا وڌيڪ آهي، افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي درآمدي قدر جا انگ اکر پاڪستان جي مقابلي ۾ وڌيڪ آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 2022-23 ۾ پاڪستان 84 ملين ۽ افغانستان لاءِ چار سئو چار ملين ڊالرز جا ٽائر امپورٽ ٿيا. رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته افغانستان ۾ بليڪ ٽي جي کپت ئي ناهي پر گذريل مالي سال 89 ملين ڊالر جي چانهه امپورٽ ٿي، ان کانسواءِ هلندڙ مالي سال پاڪستان 83 ملين ڊالرز جو فيبرڪ ۽ 12 ملين ڊالر جا ٽائر امپورٽ ڪري سگهيو جڏهن ته افغانستان لاءِ ڪجهه مهينن دوران 440 ملين ڊالر جو فيبرڪ ۽ 92 ملين ڊالر جا ٽائر امپورٽ ٿيا. رپورٽ موجب، مالي سال 2021-22 ۾ پاڪستان 492 ملين ڊالر جو فيبرڪ، 225 ملين ڊالر جا ٽائر امپورٽ ڪيا، ساڳي ئي سال افغانستان لاءِ 1416 ملين ڊالر جو فيبرڪ ۽ 235 ملين ڊالر جا ٽائرز امپورٽ ٿيا. انٽيليجنس رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته حقيقت ۾ افغانستان امپورٽس اسمگل ٿي پاڪستان ۾ ئي وڪرو ٿيندي رهيون، افغان ٽرانزٽ ٽريڊ سبب پاڪستان کي غيرمعمولي مالي نقصانن جو منهن ڏسڻو پيو. ڪسٽم رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته انتهائي تلخ فيصلا ۽ سخت ترين قدمن بعد صورتحال بهتر ۽ هاڪاري نظر اچي رهي آهي، افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جا ڪنٽينرز حقيقت ۾ پاڪستان ۾ ئي کلندا رهيا، افغان ٽريڊ جو سامان افغانستان مان اسمگل ٿي پوري پاڪستان ۾ وڪرو ٿيندو رهيو ۽ افغان ٽرانزٽ ٽريڊ پاليسي پاڪستان جي معاشي تباهي ۽ برباديءَ جو سبب بڻي.
ڪراچي جي ڏکڻ ضلعي مان 187 پرڏيهين کي حراست ۾ ورتو ويو، رپورٽ جاري
ڪراچي (رپورٽر ) ڊي سي آفيس ڏکڻ پهرين کان 16 نومبر 2023 تائين غير قانوني پرڏيهين جي حوالي سان رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. رپورٽ موجب پهرين کان 16 نومبر تائين حراست ۾ ورتل غير قانوني پرڏيهين جو ڪل انگ 187 آهي، جن کي ضلعي ڏکڻ ڪراچي ۾ حاجي ڪيمپ منتقل ڪيو ويو. ايس ايس پي ڏکڻ 72 ۽ ايس ايس پي سٽي 115 غير قانوني پرڏيهين کي حراست ۾ ورتو.
ڪراچي ۾ غير قانوني پرڏيهين خلاف پوليس جو آپريشن
ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ غير قانوني پرڏيهين خلاف پوليس جو سرچ آپريشن جو سلسلو جاري آهي، پوليس موجب ڪراچي جي علائقي سهراب ڳوٺ، سپر هاءِ وي ۽ / يثرب ڳوٺ ۾ غيرقانوني پرڏيهين خلاف سرچ آپريشن ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته آپريشن دوران 250 گهرن جي جهڙتي ورتي وئي 350 ماڻهن جي جاچ ڪئي وئي، جنهن مان 70 پرڏيهين جا دستاويز چيڪ ڪرڻ لاءِ ايس پي آفيس منتقل ڪيا ويا، دستاويزن جي تصديق نه ٿيڻ تي گرفتار ڪيل پرڏيهين کي هولڊنگ ڪئمپ منتقل ڪيو ويندو.
آرمي چيف جو پرڏيهين جي نيڪالي لاءِ مدي ۾ واڌ کان انڪار
اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) عالمن سان ملاقات ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منيرکي علامه ساجد مير تجويز ڏني ته پرڏيهين جي نيڪاليءَ لاءِ 3 مهينا مدت مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني پر جنرل عاصم منير تجويز رد ڪندي چيو ته باعزت طريقي سان پرڏيهين کي نيڪالي ڏئي رهيا آهيون ۽ هڪ مهيني اندر انهن کي پنهنجن ملڪن ڏانهن اماڻيو ويندو، نامياري صحافي اسد علي طور جو چوڻ آهي ته مفتي تقي عثماني طالبان بابت پاليسيءَ تي دٻيل لفظن ۾ اڻسڌي طرح نظر ثاني جي تجويز ڏني پر آرمي چيف اها به رد ڪري ڇڏي. جڏهن ته مولانا طاهر اشرفيءَ نعريبازي واري انداز ۾ چيو ته قوم کي اوهان جي ضرورت اهي چونڊن جي قوم کي ڪابه ضرورت نه اهي، جنهن تي اجلاس ۾ موجود جنرل مسڪرائيندا رهيا.
افغانين جي ٿرڪول تي نظر، ٽالهي ۾ هڪ افغاني گرفتار
ڪنري (ت ر) ٽالهي پوليس نوهٽو موڙ لڳ ڪارروائي ڪندي هڪ افغاني پٺاڻ گل خان ولد عبدالله عرف تلا خان کي گرفتار ڪري ورتو. گرفتار ڪيل غيرقانوني پرڏيهي وٽ شناختي ڪارڊ سميت ڪو به دستاويزي ثبوت موجود نه هو. پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل تعلقي جهنڊو مري جي علائقي مسڻ جو رهائشي آهي، سندس والد جو ڪارڊ ٺھيل آھي جڏهن ته وٽس ڪو ثبوت نه آهي. پوليس موجب گرفتار ڪيل ٿر ڪول مزدوري لاءِ وڃي رهيو هو ته کيس شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪيو ويو. گرفتار گل خان خلاف پرڏيهي ايڪٽ تحت ٽالهي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويوآھي کيس سامارو جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو عدالت کيس سب جيل عمرڪوٽ اماڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.