گمبٽ ويجهو ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو

گمبٽ (رپورٽ قمرالدين شيخ) گمبٽ تعلقي جي ڪچي واري علائقي لانڍيون ۽ محبوب ڪلھوڙو ٿاڻن جي حدن ۾ جتوئي ۽ سيال برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ زميني تڪرار ٻيھر ڀڙڪي پيو آهي، جنھن سبب جھيڙيندڙ ڌرين جي ھٿياربندن جديد ھٿيارن سان ھڪٻئي تي فائرنگ ڪئي جيڪا ڪيترائي ڪلاڪ جاري رهي. اطلاعن موجب فائرنگ دوران جتوئي ڌر جو عبدالرشيد جتوئي مارجي ويو، جڏھن ته عرفان علي جتوئي سميت 2 ڄڻا زخمي ٿيا آهن. جڏھن ته علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙيل آهي. اطلاع باوجود پوليس ڪوبه تحرڪ نه ورتو، ٿاڻن تائين محدود رھي. ھوڏانھن سيال برادري جي ماڻھن جو چوڻ آهي ته جتوئي برادري جي ھٿياربندن حملو ڪيو. حملي آور ڌر اسان جو ھڪ ٽريڪٽر ڪاھي وئي ۽ ھڪ ماڻھو به اغوا ڪري ويا آهن. ياد رهي ته ھڪ مھينو اڳ ڌرين ۾ جھيڙي ۽ فائرنگ سبب ٻنھي ڌرين جا ٻه ڄڻا مارجي ويا هئا، جهيڙي ۾ مارجي ويلن جو انگ 3 ٿي ويو آهي.

  • راڻيپور پوليس جي تشدد ۾ فوت ٿيل شاهه مراد تي تشدد جي تصديق

راڻيپور ( رپورٽ فياض حسين راڄپر) راڻيپور پوليس جي تشدد ۾ ٽي ڏينهن اڳ فوت ٿيل شاهه مراد بروهي جي شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي. شروعاتي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي  ته شاهه مراد بروهي جي جسم جي مختلف هنڌن تي تشدد ٿيل آهي جڏهن ته رپورٽ ۾ واضح ناهي ڪيو ويو ته شاهه مراد بروهي جو موت تشدد سبب ٿيو آهي. رپورٽ جاري ڪندڙ ڊاڪٽر احسان سولنگي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته حتمي رپورٽ اچڻ بعد تصديق ٿيندي ته سندس موت جو ڪارڻ ڪهڙو آهي، مقتول جي جسم جا سيمپل ورتا ويا آھن جيڪي گمس ۽ روھڙي ليبارٽري موڪليا ويا آھن. مقتول  شاهه مراد بروهي جي ڀاءُ گل مير بروھي  رورل هيلٿ سينٽر راڻيپور جي ايم ايس تي بي اعتمادي ظاھر ڪئي آھي.

  • وفاق سنڌ مان هڪ به ملازم حاجين جي خدمت لاءِ نه ٿو گهرائي : عمر سومرو

ڪراچي ( رپورٽر )  سنڌ حڪومت مذهبي معاملن واري وفاقي کاتي کان اهم مطالبو ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي مذهبي معاملن واري کاتي جي ملازمن کي به مڪي کان مديني حج مشن لاءِ مقرري ۾  شامل ڪيو وڃي. قانون ۽ مذهبي معاملن واري وزير عمر سومرو مذهبي معاملن واري وفاقي وزارت کي احتجاجي خط لکي چيو آهي ته جڏهن صوبائي ڪوٽا مختص ڪئي وئي آهي ته ان تي عمل ڇو ناهي ڪيو ويو؟ مذهبي معاملن واري وزارت جي فلاحي عملي جي اسڪيم تحت حج مشن ۾ انتظامي معاملن جي مقرري ۾ صوبن جي ڪوٽا مختص ڪئي وئي آهي. صوبائي وزير عمر سومرو چيو آهي ته سعودي عرب ۾ سرڪاري ملازمن کي وفاقي حج مشن ۾ خادم مقرر ڪرڻ ۾ صوبن کي ڪو به حصو نه ڏنو پيو وڃي. حج پاليسي تحت هر سال 300 کان وڌيڪ وفاقي ملازم مڪي ۽ مديني ۾ حج جي فرض دوران حاجين جي خدمت لاءِ مقرر ڪيا ويندا آهن. پر وفاق سنڌ مان هڪ به ملازم حاجين جي خدمت لاءِ نه ٿو گهرائي. مذهبي معاملن واري صوبائي وزير عمر سومرو چيو آهي ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ايندڙ سال 2024 ۾ وڌيڪ حاجي حج تي ويندا. حاجين جي وڏي انگ کي نظر ۾ رکندي حج مشن لاءِ وڌيڪ ملازمن جي ضرورت پوندي. خط ۾ قانون واري وزير عمر سومرو چيو آهي ته 18هين ترميم کانپوءِ مذهبي معاملن واري صوبائي کاتي جي ملازمن کي به مڪي مديني ۾ حج مشن دوران خدمتون سرانجام ڏيڻ لاءِمقرري ۾ شامل ڪيو وڃي.

  • سماجي ڀلائي واري کاتي پاران ٻارن جي عالمي ڏهاڙي تي آگاهي واڪ جو فيصلو

ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ جي سماجي ڀلائي واري کاتي پاران ٻارن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي آگاهي واڪ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جنهن جي اڳواڻي نگران وڏو وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ۽ صحت، سماجي  ڀلائي، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ۽ رورل ڊولپمينٽ سنڌ جو نگران وزير ڊاڪٽر سعد خالد نياز ڪندا. آگاهي واڪ منعقد ڪرڻ جي حوالي سان سيڪريٽري سوشل ويلفيئر سنڌ ساجد جمال ابڙو سنڌ چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي ۽ سوشل ويلفيئر کاتي جي گڏيل اجلاس ۾ آگاهي واڪ جي انتظامن کي حتمي شڪل ڏني. آگاهي واڪ سي ويو کان صبح 9:30 وڳي شروع ٿي نشان پاڪستان پارڪ تي ختم ٿيندو. سيڪريٽري سوشل ويلفيئر ساجد جمال ابڙو والدين کي اپيل ڪئي آهي ته هو ٻارن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي منعقد ڪيل آگاهي واڪ ۾ پنهنجي ٻارن سان گڏ وڌ ۾ وڌ شرڪت ڪن.

  • اڳوڻو ايم پي اي ڪريم بخش گبول مسلم ليگ نون ۾ شامل

ڪراچي (رپورٽر )  اڳوڻو ايم پي اي ڪريم بخش گبول مسلم ليگ نون ۾ شامل ٿي ويو. ڪريم بخش گبول ڪراچي ۾ نون ليگ سنڌ جي صدر بشير ميمڻ ۽ ٻين سان ملاقات ڪري نون ليگ ۾ شموليت  جو اعلان ڪيو. ملاقات دوران سينيٽر نهال هاشمي ۽ ٻيا به موجود هئا، ڪريم بخش گبول 2018 جي چونڊن ۾ صوبائي تڪ پي ايس 100 ڪراچي اوڀر مان پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي ايم پي اي چونڊيو هو. ڪريم بخش گبول بعد ۾ پي ٽي آءِ کان رستا ڌار ڪري ڇڏيا هئا، نون ليگ سنڌ جو چوڻ آهي ته ڪريم بخش گبول ايندڙ چونڊ مسلم ليگ نون جي ٽڪيٽ تي وڙهندو.

  • عمران خان ڊونلڊ لو خلاف قانوني ويڙهه وڙهڻ جو چيو آهي: عليمه خان

اسلام آباد ( م ڊ ) پي ٽي آءِ چيئرمين جي ڀيڻ عليما خان چيو آهي ته سائفر ڪيس ۾ اهڙيون شقون لڳايون ويون آهن، جنهن تي اڳوڻي وزيراعظم کي موت ۽ عمر قيد جي سزا ٿي سگهي ٿي. راولپنڊي جي اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي  عليما خان چيو ته ٻڌايو وڃي ته ڇا پي ٽي آءِ چيئرمين اهڙو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جنهن تي اهي شقون لاڳايون ويون آهن، جڏهن ته هاءِ ڪورٽ سائفر ڪيس ۾ اسٽي آرڊر به ڏئي چڪي آهي. هن چيو ته راڻا ثناءُ الله پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف ڪيس داخل ڪرايو، پاڪستان ۾ انصاف ملڻ گهرجي. عليما خان چيو ته اڳوڻي وزيراعظم جي صحت ٺيڪ آهي، هن چيو ته سٺي روٽين تي عمل ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين طرفان کاڌي پيتي جي ڪا به شڪايت ناهي ڪئي وئي.عليمه چيو ته عمران خان چيو آهي ته سائفر سازش ۾ آمريڪي سفارتخانو ملوث هو، آمريڪي سفير ڊونلڊ لو خلاف آمريڪي عدالتن ۾ قانون جنگ وڙهنداسين

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.