ٽنڊو محمد خان ( ن ع آ ) ٽنڊو محمد خان جي بلڙي شاھ ڪريم تعلقي جي ڏاڏون موري ڀرسان ڳوٺ الهبچايو کوسو مان پوليس ۽ سادن ڪپڙا پهريل اهلڪارن وڏي اٽالي سان چڙهائي ڪري گهرن جون جهڙتيون ورتيون. پولس ۽ سادا ڪپڙا پهريل اهلڪار چڙهائي ڪري سنڌي ثقافت الغوزي کي شهرت ڏيندڙ صدارتي ايوارڊ لاءِ نامزد ناليواري الغوزينواز ارباب کوسو کي حراست ۾ وٺي اڻڄاتل هنڌ کڻي ويا. ڳوٺاڻن موجب الغوزينواز ارباب کوسو وٽ ماڇي برادري جا ڪجھه ماڻهو دعوت ڏيڻ لاءِ آيا هئا، جن کي ماني کارائڻ کان اڳ اهلڪار کيس کڻي ويا آهن، پوليس ڪاروائي دوران مهمان ٿي آيل ماڇي برادري جا ماڻهو پنهنجي ڪار ڇڏي فرار ٿي ويا، بلڙي شاھه ڪريم پوليس ڳوٺ الهبچايو کوسو تي چڙهائي کان اڻڄاڻائي ظاهر ڪري ڇڏي آهي، بلڙي شاھه ڪريم ٿاڻي جي ايس ايڇ او عاشق لنڊ جو چوڻ آهي ته الغوزينواز ارباب کوسو جي گرفتاري بابت ڪو به اطلاع نه ڪيو ويو ۽ نه ئي ان بابت ڪا ڄاڻ آهي. هوڏانهن لوڪ فنڪارا ثريا سومرو، تاريخدان مشڪور ڦلڪارو، ليکڪ نوشاد ڀٽي ۽ ٻين اديبن ۽ فنڪارن الغوزينواز ارباب کوسو جي گرفتاري جي مذمت ڪئي آهي. سندن چوڻ آهي ته پوليس هاڻي فنڪارن کي گرفتار ڪري رهي آهي، ارباب کوسو دنيا جي مختلف ملڪن ۾ الغوزي کي متعارف ڪرايو ۽ کيس وفاقي حڪومت طرفان صدارتي ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي، هنن چيو ته سندس والد مرحوم الهبچايو کوسو به سنڌ جو وڏو الغوزو نواز فنڪار هو . سنڌ جي سڄاڻ ڌرين نگران وڏي وزير، ثقافت کاتي وزير ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين کان مطالبو ڪيو آهي ته فنڪار ارباب کوسو کي جنهن به پوليس گرفتار ڪيو آهي کيس فوري طور بازياب ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ سنڌ جا فنڪار احتجاج ڪندا .