ڪراچي (رپورٽر) سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ حيدرآباد جي ٽيڪسي ڊرائيور شاهه زيب قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار عبدالصمد جي پيءُ عمران قريشي جي پوليس جي خلاف درخواست تي ايس ايڇ او سچل سميت ٻين کي 21 نومبر جا نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪري ورتو، درخواستگذار جي پاران موقف اختيار ڪيو ويو ته پوليس منهنجي پٽ کي گرفتار ڪري پسٽل ۽ گوليون قبضي ۾ ڪري ورتي آهي، درخواستگذار وڌيڪ چيو ته مون کي باربار حراسان ڪيو پيو وڃي .