ڪراچي (رپورٽر) پيپلزپارٽي اڳواڻ سعيد غني چيو آهي ته ووٽ کي عزت ڏيو جو نعرو هڻندڙ پارٽي گمراهه ٿي رهي آهي، پليئنگ فيلڊ تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم سميت سمورين سياسي پارٽين لاءِ هئڻ گهرجي، پيپلز پارٽي پنهنجي نه پر ملڪ جي بهتر مستقبل لاءِ صاف ۽ شفاف چونڊن جي خواهشمند آهي، ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پيپلز پارٽي سنڌ صوبي خاص طور راڄڌاني ڪراچي جي عوام ۾ مقبول آهي، وڪيل برادري به اهڙي طرفان پ پ جو حصو بڻجي رهي آهي، خميس ڏينهن 3 سئو وڪيل فورم جو حصو بڻيا، هن جو چوڻ هو ته وڪيل برادري جو جمهوريت ۾ هڪ وڏو ڪردار آهي، ملڪ ۾ جڏهن جڏهن غير جمهوري دور آيا وڪيلن قربانيون ڏنيون، سعيد غني چيو ته پ پ پارٽي پهريان کان وڌيڪ سيٽون حاصل ڪندي، وفاقي حڪومت پيپلز پارٽي جي هوندي ۽ بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم بڻجندو، ووٽ کي عزت ڏيو جو نعرو هڻندڙ پارٽي گمراهه ٿي رهي آهي، پليئنگ فيلڊ تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم سميت سمورين سياسي پارٽين لاءِ هئڻ گهرجي، هن جو چوڻ هو ته ڪراچي شهر جون حالتون هاڻي بهتر آهن، ايم ڪيو ايم جي دهشت اڳيان ڪوبه نه ڳالهائيندو هو ۽ ميڊيا جي آفيسن تي حملا ٿي ويندا هئا، پ پ اڳواڻ سعيد غني چيو ته ايم ڪيو ايم ڪراچي جي سياست ۾ مرده گهوڙوآهي، ايم ڪيو ايم جي هاڻي حالت پينو فقير واري ٿي وئي آهي.