حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، عبدالقادر رانٽو ۽ ستار رند پنهنجي جاري ڪيل گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سنڌو درياهه تي ڌاڙا قبول ناهن، ڀاشا ڊيم سنڌ سڪائڻ جي سازش آهي، ڀاشا ڊيم لاءِ سنڌو درياهه جو رخ موڙڻ سنڌ جي قومي وجود مٿان وار آهي، ڊيمن ماحوليات کي نقصان رسايو آهي، وفاقي حڪومت ۽ پنجابي حڪمران گذريل ڏيڍ صديءَ کان سنڌ جي پاڻي تي ناجائز ڌاڙا هڻي رهيا آهن. سنڌ جي حصي جي پاڻي تي پنجاب پنهنجون غير آباد زمنيون آباد ڪري رهيو آهي، سنڌي عوام جي گذر جو وڏو وسيلو پاڻي تي آهي، پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري سنڌي عوام جو قتلام بند ڪيو وڃي، پنجاب تونسا پنجند ۽ چشما جهلم لنڪ جهڙن ڌاڙيل ڪئنالن ذريعي ٻارهوئي مهينا سنڌ جو پاڻي غير قانوني طور تي کڻي رهيو آهي، ارسا مڪمل طور تي پنجاب جو ونگارو ادارو بڻيل آهي، پيپلز پارٽي جي سرڪار ۽ ارسا ۾ سنڌ جو نمائندو خاموش رهيا آهن. ڀاشا ڊيم، مهمند ڊيم، داسو ڊيم کان ويندي جلاپور ڪينال، ٿل ڪينال فيز ون ۽ ٽو سميت مختلف هيلن بهانن وسيلي سنڌو درياهه جو پاڻي چوري ڪيو پيو وڃي.