هوا، پاڻي، مٽي، خوراڪ ۽ ايتري تائين جو رت ۾ به پلاسٽڪ جا ننڍڙا ذرڙا دريافت ٿي چڪا آهن.
حقيقت ۾ سڄي دنيا ۾ هر هاءِ انهن کي دريافت ڪيو ويو آهي ۽ ڪڪر به ان ۾ شامل آهن.
اوڀر چين ۾ ڪڪرن ۾ پلاسٽڪ جي ننڍڙن ذرڙن کي تازو ئي دريافت ڪيو ويو هو ۽ هڪ نئين تحقيق موجب اهي ذرڙا ڪڪرن جي ٺهڻ ۽ موسم تي اثرانداز ٿي سگھن ٿا.
شان ڊونگ يونيورستي جي تحقيق دوران مائونٽ Tai چوٽي جي مٿان ڪڪرن مان گڌ ڪيل پاڻي جي 28 مان 24 نمونن ۾ پلاسٽڪ جا ننڍڙا ذرڙا دريافت ڪيا ويا.
اهي ڪپڙن، پيڪيجنگ ۽ فيس ماسڪ وغيرا لاءِ استعمال ٿيندڙ پلاسٽڪ جي مختلف قسمن جا ذرڙا هئا.
محققن ٻڌايو ته تحقيق ۾ سامهون آيل شاهدين مان ڪڪرن ۾ پلاسٽڪ جي ننڍڙن ذرڙن جي موجودگي ثابت ٿئي ٿي.
پر تحقيق ۾ ان سوال جو جواب ناهي ڏنو ويو ته پلاسٽڪ جا ذرڙا ڪڪرن تائين ڪيئن پهچي رهيا آهن.
محققن موجب پلاسٽڪ جي ذرڙن سان موسمن تي پوندڙ اثرن کي سمجهڻ لاءِ وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي، پر اهو واضح آهي ته ان مسئلي تي ضابطو آڻڻ لاءِ گھڻو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي.
ان تحقيق جا نتيجا جرنل انوائرمينٽل سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي ۾ ڇپيل آهن.
اهو پهريون ڀيرو ناهي جو ڪڪرن ۾ پلاسٽڪ جا ذرڙا دريافت ٿيا هجن.
ان کان اڳ سيپٽمبر 2023ع ۾ جاپاني سائنسدانن مائونٽ فوجي جبل ۽ مائون Oyama جبل جي مٿان ڪڪرن ۾ پلاسٽڪ جا ذرڙا دريافت ڪيا هئا.
جاپاني سائنسدانن ٻڌايو هو ته سمنڊ ۾ موجود پلاسٽڪ جا ذرڙا هوا ذريعي ڪڪرن جي پاڻي تائين پهچن ٿا.
هنن وڌيڪ ٻڌايو ته ان کان اڳ اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته انسان ۽ جانور به انهن ذرڙن کي ڳهي رهيا آهن ۽ اهي ڦڦڙن، رت، دل ۽ ٻين حصن تائين پهچي ويندا آهن.
اڃا تائين اهو واضح ناهي ٿيو ته پلاسٽڪ جي ننڍڙا ذرڙا جسم جي اندر وڃڻ سان ڪهڙن اثرن کي منهن ڏئي سگھجي ٿو.
You might also like