ريحام خان سان چوٿين شادي لاءِ رشتا اچڻ لڳا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين جي اڳوڻي گهرواري ۽ ميزبان ريحام خان انڪشاف ڪيو آهي ته طلاق جي افواهن کانپوءِ کيس چوٿون ڀيرو شادي جون آڇون اچڻ شروع ٿيون آهن.

ريحام خان پنهنجي مڙس مرزا بلال سان گڏ فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم انسٽاگرام تي هڪ وڊيو پيغام شيئر ڪيو آهي.

مٿي ڏنل وڊيو پيغام ۾ هن انڪشاف ڪيو آهي ته طلاق جي افواهن کان پوءِ چوٿون ڀيرو شادي جي آڇ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.

هن چيو ته مرزا بلال جي موبائيل فون تي پيغام اچي رهيا آهن ته کيس شادي لاءِ چيو وڃي.

ريحام چيو ته سندس مڙس کي پيغام ۾ منهنجو نمبر گهريو ويو ۽ افسوس جو اظهار ڪرڻ سان گڏوگڏ شادي جي خواهش ظاهر ڪئي وئي.

ياد رهي ته تازو ئي ريحام خان ۽ سندس ٽئين مڙس مرزا بلال وچ ۾ طلاق جون خبرون سامهون آيون هيون.

بعد ۾ هن سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو پيغام جاري ڪندي انهن سڀني افواهن جي ترديد ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.