پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه فوڊ سيفٽي اينڊ حلال فوڊ اٿارٽي پشاور جي ڳوٺ ميلوگن ۾ ڪارروائي ڪندي ڳڙ جي هارين کان 2 هزار ڪلو کان وڌيڪ غير معياري ۽ ڪيميڪل مليل ڳڙ هٿ ڪري ورتو آهي.
خيبرپختونخواهه فوڊ سيفٽي اينڊ حلال فوڊ اٿارٽي جي ترجمان موجب فوڊ سيفٽي ٽيمن پشاور جي ڳوٺ ميلوگن ۾ مختلف ڳڙ جي اڏن تي ڇاپو هنيو.
ترجمان موجب 2 هزار ڪلو گرام کان وڌيڪ غير معياري ۽ ڪيميڪل مليل ڳڙ هٿ ڪيو ويو.
جاچ دوران 1500 ڪلو کنڊ پڻ هٿ ڪري سرڪاري تحويل ۾ ورتي وئي جڏهن ته مالڪن خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.