افغان ٽرانزٽ پاليسي پاڪستان جي معاشي تباهي جو سبب بڻي، ڇرڪائيندڙ انڪشاف

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪسٽم انٽيليجنس رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته افغان ٽرانزٽ ٽريڊ سبب پاڪستان کي غير معمولي مالي نقصان جو منهن ڏسڻو پيو ۽ افغان امپورٽس اسمگل ٿي پاڪستان ۾ ئي وڪرو ٿينديون رهيون.

ڪسٽمز اختيارين جي رپورٽ موجب، پاڪستان جي پنجويهه ڪروڙ جي مقابلي افغانستان جي رڳو پنج ڪروڙ آبادي لاءِ پاڪستان جي رستي افغان ٽرانزٽ ٽريڊ ڪيئي ڀيرا وڌيڪ آهي، افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي درآمدي قدر جا انگ اکر پاڪستان جي مقابلي ۾ وڌيڪ آهن.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 2022-23 ۾ پاڪستان 84 ملين ۽ افغانستان لاءِ چار سئو چار ملين ڊالرز جا ٽائر امپورٽ ٿيا.

رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته افغانستان ۾ بليڪ ٽي جي کپت ئي ناهي پر گذريل مالي سال 89 ملين ڊالر جي چانهه امپورٽ ٿي، ان کانسواءِ هلندڙ مالي سال پاڪستان 83 ملين ڊالرز جو فيبرڪ ۽ 12 ملين ڊالر جا ٽائر امپورٽ ڪري سگهيو جڏهن ته افغانستان لاءِ ڪجهه مهينن دوران 440 ملين ڊالر جو فيبرڪ ۽ 92 ملين ڊالر جا ٽائر امپورٽ ٿيا.

رپورٽ موجب، مالي سال 2021-22 ۾ پاڪستان 492 ملين ڊالر جو فيبرڪ، 225 ملين ڊالر جا ٽائر امپورٽ ڪيا، ساڳي ئي سال افغانستان لاءِ 1416 ملين ڊالر جو فيبرڪ ۽ 235 ملين ڊالر جا ٽائرز امپورٽ ٿيا.

انٽيليجنس رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته حقيقت ۾ افغانستان امپورٽس اسمگل ٿي پاڪستان ۾ ئي وڪرو ٿيندي رهيون، افغان ٽرانزٽ ٽريڊ سبب پاڪستان کي غيرمعمولي مالي نقصانن جو منهن ڏسڻو پيو.

ڪسٽم رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته انتهائي تلخ فيصلا ۽ سخت ترين قدمن بعد صورتحال بهتر ۽ هاڪاري نظر اچي رهي آهي، افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جا ڪنٽينرز حقيقت ۾ پاڪستان ۾ ئي کلندا رهيا، افغان ٽريڊ جو سامان افغانستان مان اسمگل ٿي پوري پاڪستان ۾ وڪرو ٿيندو رهيو ۽ افغان ٽرانزٽ ٽريڊ پاليسي پاڪستان جي معاشي تباهي ۽ برباديءَ جو سبب بڻي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.