کنگهه جي 5 شربتن تي پابندي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت صوبي ۾ کنگهه جي 5 شربتن تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.

نگران وزير پرائمري اينڊ سيڪنڊري هيلٿ ڪيئر ڊاڪٽر جمال ناصر جو چوڻ آهي ته لاهور ۾ تيار ڪيل ڪف سيرپس پرڏيهه ۾ به سپلاءِ ڪيا ويندا هئا.

ڊاڪٽر جمال ناصر جو چوڻ هو ته ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (ڊبليو ايڇ او) مالديپ جي شربتن ۾ شراب جي شڪايت تي تحقيق ڪئي، ڊريپ جي سفارش تي پنجاب حڪومت پنجن شربتن جو وڪرو بند ڪري ڇڏيو.

هن چيو ته پنجاب جي سمورن ميڊيڪل اسٽورن تان انهن شربتن جو اسٽاڪ فوري طور واپس ورتو پيو وڃي ۽ شربت ٺاهڻ واري فيڪٽري کي سيل ڪيو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.