صنعتن ۾ خرچ ٿيندڙ پئسي بابت نه پڇنداسين ته ڪٿان اچي رهيو آهي: نواز شريف

لاهو( م ڊ)  اڳوڻي وزيراعظم مسلم ليگ ن جي قائد ميان نواز شريف چيو آهي ته اسان جي پاليسي جاري رهي ها ته اڄ ڊالر 40 يا 50 روپين جو هجي ها، اسان جي پاليسي اها هوندي ته صنعتن ۾ خرچ ٿيندڙ پئسي بابت نه پڇنداسين ته ڪٿان اچي رهيو  آهي.اسان جي پاليسين کي اختيار ڪري ڀارت معاشي ترقي ڪئي. لاهور چيمبر آف ڪامرس جي عهديدارن کي خطاب دوران نواز شريف چيو ته مان پاڪستان جي معاشي مسئلن کي سمجهان ٿو، هميشه توهان سان مشورو ڪيو آهي ۽ مشاورت سان ئي اڳتي وڌندس.  عوام کي مهانگائي ۽ غربت مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ اسان جو فرض آهي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته 1998ع ۾ جڏهن ايٽمي ڌماڪا ٿيا ته اسلامي ملڪن پاڪستان کي پنهنجو محافظ سمجهڻ شروع ڪيو، اسان جي پنهنجي فيصلن سبب خراب حالتون ٿيون. ن ليگ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته اسان جي دور ۾ رڳو 6 سيڪڙو پاليسي ريٽ هو، اڄ اهو 22 سيڪڙو تي آهي، 22 سيڪڙو پاليسي ريٽ سان ڪير ڪاروبار ڪري سگهي ٿو، اسان پاڻ پنهنجي پارليامينٽ ۽ وزير اعظم سان زيادتي ڪئي ۽ پوءِ ملڪ ڪنهن جي حوالي ڪيو، رپئي، معيشت ۽ سڄو نظام تباهه ٿي ويو. نواز شريف چيو ته اسان جي دور ۾ هڪ هزار رپين جو بل ايندو هو، اڄ بل 15 هزار آهي، قيمتون پنج ڀيرا وڌي ويون آهن.  اسان ئي پرائيويٽائيزيشن ۽ لبرلائيزيشن جي شروعات ڪئي ۽ مان لبرلائيزيشن جو حامي آهيان، پاڪستان کي پرامن بڻايو، ضرب عضب ۽ ردالفساد آپريشن ڪيا.ڪراچي ۾ امن قائم ڪيو ويو، ترقياتي بجيٽ 100 ارب رپيا ورتي وئي، منصوبا جوڙيا ويا، اسان هن وقت ملڪ ۽ عوام کي درپيش سمورا مسئلا ڏسي رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.