آءِ ايم ايف ۽ يورپي يونين جا ماڻهو عمران خان سان ملڻ ايندا آهن: پرويز الاهي

لاهور (م ڊ) لاهور جي عدالت پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي جي جڊيشل رمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي. پرويز الاهي  کي جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. عدالت پرويز الاهي جي گهرواري ۽ وڪيلن سان جيل ۾ ملاقات جي درخواست منظور ڪندي جڊيشل رمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي. چوڌري پرويز الاهي عدالتي ڪمري ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته  خدا جو قسم اڄ تائين مون کان ڪنهن به پريس ڪانفرنس لاءِ نه چيو آهي. عمران خان منهنجي ڀرسان سيل ۾ آهي،  چوڌري پرويز الاهي  چيو ته آءِ ايم ايف ۽ يورپي يونين جا ماڻهو عمران خان سان ملڻ ايندا آهن، اسٽيبلشمينٽ سان اسان جا هميشه سٺا لاڳاپا رهيا آهن،  عمران خان سان گڏ بيٺل رهنداسين،  اليڪشن جي تاريخ سپريم ڪورٽ جي چوڻ تي ملي آهي، هن اليڪشن ۾ ڪا به ڌانڌلي نه ٿيندي. پرويز الاهي چيو ته قوم تي ٻه انوکا لاڏلا مڙهيا ويا آهن، شهباز شريف اينڊ ڪمپني 16 مهينن ۾ عوام کي مهانگائي جي ڌٻن ۾ ڌڪيو آهي. عوام ۾ پي ٽي آءِ جي مقبوليت ڏسي شريفن هاڻي ٻين صوبن جو رخ ڪيو آهي، پي ٽي آءِ صدر چيو ته نگران حڪومتون ڪيترو وقت شريف ڀائرن کي سهولتون ڏينديون،  نواز شريف بلوچ عوام جي عزت نه ڪئي، کين مٿي تي پڳڙي ۽ چادر رکڻ نه ڏني،  بلوچ سردارن جي اڪثريت به ٻنهي کي رد ڪري ڇڏيو آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.