ڪراچي (رپورٽر) حيدرآباد واسي آن لائين ٽيڪسي ڊرائيور شاهزيب انصاري جي قاتل جي حوالي سان اهم انڪشاف ٿيا آهن. ڊرائيور قتل ڪيس ۾ سچل پوليس گرفتار جوابدار عبدالصمد کي عدالت ۾ پيش ڪيو. جج جي موڪل جي ڪري لنڪ جج 3 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو. جاچ آفيسر ايس آءِ او سچل غلام حسين پيرزادو موجب جوابدار عبدالصمد ٻڌايو ته هن ڪار ڦر جو آئيڊيا آن لائين گيم مان ورتو، ان گيم ۾ ڪار ڦر ڪرڻ سان اها ڪار ملندي آهي، جوابدار 18 سالن جو آهي، هن ٻڌايو ته کيس ڪار سان جنون جي حد تائين محبت آهي، جوابدار آن لائين گيم مان آئيڊيا وٺي ڪار بڪ ڪرائي، ڪار آئي ته هو پوئين سيٽ تي ويٺو. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار وٽ پنهنجي والد جو لائسنس وارو پستول هو، جوابدار جي والد جو ترڪي ۽ دبئي ۾ بزنس هو پر ان کي ڪاروبار ۾ نقصان ٿيو، هاڻي مسواڙ جي گهر ۾ رهن ٿا. جوابدار مقتول جو لاش اڇلايو ۽ رت صاف ڪيو، ان دوران مقتول جي والد رابطو ڪٽجي وڃڻ بعد ٽريڪر بند ڪرايو، ڪار بند ٿي وئي ته جوابدار فرار ٿي گهر هليو ويو.پوليس جوابدار کي نمبر ٽريس ڪري گرفتار ڪيو آهي، جوابدار جي والد کي جاچ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪئي آهي.