راڻيپور ۾ پوليس تشدد ۾ فوت ٿيل جي وارثن پاران ڊاڪٽرن تي بي اعتمادي ظاهر

راڻيپور (رپورٽ : فياض حسين راڄپر) راڻيپور پوليس جي تشدد سبب فوت ٿي ويل شاھه مراد بروھي جي وارثن پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرن  تي  بي اعتمادي ظاھر ڪري ڇڏي آھي. مقتول شاھمراد بروهي جي ڀاءُ گل مير بروهي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته راڻيپور اسپتال جو ايم ايس هڪ رٽائرڊ ڊاڪٽر آھي. جنھن تي ڪو به  اعتماد ناھي. هن چيو ته اسپتال جو ايم ايس ڳري رشوت وٺي ڀاءُ جي پوسٽ مارٽم رپورٽ خراب ڪرڻ چاهي ٿو. اسان کي رپورٽ نٿي ڏني وڃي فوتي جي ڀاءُ موجب خدشو آھي ته شاھه مراد جو خون لوڙھڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر کان مطالبو ٿا ڪيو ته ڀاءُ جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان انصاف فراهم ڪيو وڃي. ايس ايس پي خيرپور ڊاڪٽر سميع الله سومرو پاران اڳوڻي ايس ايڇ او انور ابڙو تي ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ کيس هٽائي نئون ايس ايڇ او جهانگير مهر کي مقرر ڪري ڇڏيو آھي. ايس ايڇ او راڻيپور جهانگير خان مهر چارج وٺڻ بعد ڪيس جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.