ڪولڪتا ( م ڊ ) ورلڊ ڪپ جي ٻئي سيمي فائنل ۾ آسٽريليا دلچسپ مقابلي کانپوءِ ڏکڻ آفريڪا کي شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو. ڪولڪتا جي ايڊن گارڊن ۾ کيڏيل ٻئي سيمي فائنل ۾ آسٽريليا ڏکڻ آفريڪا پاران ڏنل 213 رنسن جو هدف 7 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪيو. ڏکڻ آفريڪا ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ڪپتان ٽيمبا باووما ۽ ڪوئنٽن ڊي ڪوڪ اننگز جي شروعات ڪئي ٽيمبا باووما بنا ڪنهن رنسون ٺاهي مچل اسٽارڪ جي هٿان ڪيچ آئوٽ ٿي ويو. ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم 31 هين اوور جي آخر تائين 6 وڪيٽن جي نقصان تي 119 رنسون ٺاهي سگهي. ڊيوڊ ملر 116 بالن تي 101 رنسن جي اننگز کيڏڻ بعد 48 هين اوور ۾ آئوٽ ٿي ويو. هن پنهنجي اننگز ۾ 5 ڇڪا ۽ 8 چوڪا هنيا. ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم 50 هين اوور ۾ 212 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي. آسٽريليا طرفان پيٽ ڪمنز ۽ مچل اسٽارڪ 3، 3 جڏهن ته ٽريوس هيڊ ۽ جوش هيزل ووڊ 2-2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. آسٽريليا جي شروعات شاندار رهي، ستين اوور جي پهرين بال تي ڊيوڊ وارنر 29 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. ڏکڻ آفريڪا جي پنجين وڪيٽ ان کان پوءِ حاصل ڪئي جڏهن جارحاڻي انداز ۾ گلين ميڪسويل 135 جي مجموعي اسڪور تي تبريز شمسي جي هٿان کلين بولڊ ٿي ويو. ڪپتان مچل اسٽارڪ 16 ۽ پيٽ ڪمنز 14 رنسن جي اننگز کيڏي ٽيم کي اٺون ڀيرو ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ پهچايو. آسٽريليا جي ٽريوس هيڊ کي آل رائونڊ ڪارڪردگي تي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. آسٽريليا آچر تي ورلڊ ڪپ جي فائنل ميچ ۾ ڀارت سان مقابلو ڪندي.