اسلام آباد ( بيورو ) سنڌ حڪومت فوجي عدالتن ۾ سويلينز جو ٽرائيل روڪڻ خلاف ايپل داخل ڪري ڇڏي آهي. سنڌ حڪومت فوجي عدالتن ۾ شهرين جا ٽرائل روڪڻ واري فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي آهي. اپيل تي فيصلو اچڻ تائين سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي معطل ڪرڻ جي به استدعا ڪئي وئي آهي. درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته فوجي اڏن تي حملن جي جوابدارن جا ٽرائل فوجي عدالتن ۾ هلايا وڃن.درخواست موجب سپريم ڪورٽ قانون ۽ حقيقتن جو صحيح جائزو نه ورتو. سنڌ حڪومت پاران آرمي ايڪٽ ۽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي ڪالعدم شقن کي بحال ڪرڻ جي به استدعا ڪئي وئي آهي.سنڌ حڪومت جو چوڻ آهي ته جوابدارن پاڻ درخواست ڪئي ته سندن ٽرائل فوجي عدالتن ۾ئي ڪيو وڃي.