فيض آباد ڌرڻو ڪميشن اڳوڻن جنرلن جي ڪردار کي وائکو ڪندي؟

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)فيض آباد ڌرڻي ڪيس ۾ ڪميشن جو سربراهه  اختر علي شاهه اڳوڻو آءِ جي ڪي پي رهيو آهي،پي ايس پي  پوليس آفيسر آهي، سياسيات ۾ ڊگري اٿس، سينئر صحافي اسد علي طور چيو آهي ته هن چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي باري ۾ 29 سيپٽمبر 2023ع تي آرٽيڪل لکيو هو، هن لکيو ته ميمو گيٽ ڪيس ۾ چيف جسٽس جو فيصلو تڪراري هو باقي ڪيسن ۾ هن دليراڻا فيصلا ڪيا، هن طاقتور ماڻهن کي ناراض ڪيو آهي، هو روايتي جج ناهي، هن لکيو ته عدالت کي ڏسڻو پوندو ته بنيادي حقن تي ڪيئن عمل ڪرائي ٿي، ڪيسن جي شفاعت ٻڌڻي، ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني، جبري گمشدگيون، سويلين جو ملٽري ٽرائل چئلينج آهن،لاپتا ماڻهن جي فهرست ۾ شهري ۽ صحافي به شامل ٿي ويا آهن، سپريم ڪورٽ جي بنيادي ذميواري آهي ته انهن سڀني تي ڳالهه ڪري، معاشري ۾ برابري ۽ برداشت هئڻ گهرجي، اسد علي طور چيو ته اختر علي شاهه جون چيف جسٽس مان اهي اميدون آهن، کيس مسئلي جي پاڙ پٽڻ جو آپشن آهي، اختر علي شاهه جيڪي مسئلا ٻڌايا آهن اهي اسان جي ملٽري اسٽيبلشمينٽ پيدا ڪيا آهن، ڪنهن هڪ کي عبرت جو نشان بڻائڻ کانسواءِ ايندڙ ڪردارن کي سبق نه ملندو،باجوا ڊاڪٽرائن جي نالي تي ملڪ تباهه ڪيو ويو، فيض حميد وڏو گند ڪيو،اختر شاهه جي سربراهي  ۾ ڪميشن جنرل(ر) باجوا کي طلب ڪري ته ان وقت توهان ڇا ڪري رهيو هو، ڪيئن توهان آءِ ايس پي آر کان پريس رليز جاري ڪرائي، جٿي کي توهان حڪومت جي برابر قرار ڏنو، فيض حميد کي گهرائي پڇيو وڃي ته توهان ڪيئن معاهدي لاءِ زور ڀريو، توهان ايترو پئسو ڪيئن ٺاهيو، ڊي جي رينجرز کي گهرائي پڇو ته ڪيئن هزار هزار رپيا ٽي ايل پي ڪارڪنن ۾ ورهايا، شاهد خاقان عباسي کي گهرائي پڇاڻو ڪيو وڃي ته پنهنجي وزيرن کان استعيفيٰ ڪنهن جي حڪم تي ڏياريا؟ڪهڙي جنرل توهان تي دٻاءُ وڌو، شوڪت عزيز صديقي کان پڇا ڪريو ته فيض حميد جو ڪردار پڇو، ابصار عالم کي گهرايو، رپورٽ ڏيو ته رياست ڪيئن پنهنجي عوام جي خلاف فيصلا ڪري رهي هئي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.