غزا(م ڊ) فلسطيني ريڊ ڪريسنٽ چيو آهي ته اسرائيلي فوج غزه جي پٽي ۾ الاحلي عرب اسپتال تي ٽينڪن سان حملو ڪيو آهي ۽ اهو آپريشن جاري آهي.غزه جي پٽي ۾ سڀني ٽيليڪميونيڪيشن ڪمپنين جون خدمتون معطل ڪيون ويون آهن ،فلسطيني صحت واري وزارت چيو آهي ته اسرائيل غزا جي سڀ کان وڏي اسپتال الشفا ۾ آپريشن دوران ميڊيڪل ڊپارٽمينٽ کي تباهه ڪيو ۽ ٻن ٻين شعبن کي به نقصان پهچايو.هوڏانهن اسرائيل ڏکڻ غزا جي لکين شهرين کي فوري طور خالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، اسرائيل جي جارحيت ۾ شهيدن جو انگ 11 هزار 470 ٿي ويو آهي،جن ۾ 4707 ٻار، 3155 عورتون ۽ 6668 پيرسن به شامل آهن، ان عرصي ۾ 29 هزار کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن، 1770 ٻارن سميت 3640 شهري گم آهن جن جي باري ۾ چيو پيو وڇي ته اهي عمارتن جي ملبي هيٺ ڦاٿل آهن،