حب(رپورٽ:يار محمد بروهي) حب ۾ تيز رفتاري جي سبب سوزوڪي ڪلٽي ٿيڻ سبب 2 ڄڻا فوت ۽ 12 زخمي ٿي پيا، حب جي تعلقي دريجي ويجهو تيز رفتاري سبب سوزڪي ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا ٿڏي تي فوت جڏهن 12 ڄڻا زخمي ٿيا زائرين ڪراچي کان درگاهه شاهه نوراني ويندي دريجي ويجهو تيز رفتاري سان موڙ ڪاٽيندي سوزڪي ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي سبب 2 ڄڻا ٿڏي تي فوت ۽ 12 زخمي ٿي پيا جنهن ۾ عورتون ۽ ٻار شامل آهن، فوت ٿيل ۾ وجاهت پٽ عبدالله، نديم پٽ محمد اسرار جي نالن سان ٿي آهي۽ زخمين جي سڃاڻپ فرزانه، حمدان، انعم فريد، مينه فرحان، ايان فرحان، اقبال، صفيان فريد، شڪيل، نعيم، فرحان جا نالن سان ٿي آهي. ايم ايس سول اسپتال حب مطابق زخمين ۾ 4 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جن کي طبي امداد ڏ.ي وڌيڪ علاج لاءِ ٽراما سينٽر سول اسپتال ڪراچي منتقل ڪري ڇڏيو. فوتين ۽ زخمين جو واسطو ڪراچي شهر سان آهي جيڪي زيارت لاءِ درگاه شاهه نوراني وڃي رهيا هئا.