موهن جو دڙو : کوٽائي دوران سڪن سان ڀريل مٽ هٿ

موهن جو دڙو ( ن ع آ ) موهن جي دڙي جي ٻُڌ اسٽوپا ڀرسان ڳُجهي گهٽي جي هڪ حصي جي ڪنزرويشن واري ڪم دوران مزدورن پاران ڳريل  ڀت کي کوٽڻ وقت قديم سِڪن سان ڀريل مَٽُ هٿ آيو آهي. قديم ماڳ جي مرمتي ڪم وقت کوٽائي ۾ هٿ آيل قديم سڪن جي مَٽَ کي عملي لڪائي ڇڏيو آهي. ملازم امتياز ڊومڪي جو چوڻ آهي ته اسان هٿ آيل مٽ کي ٻيهر دفن ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊائريڪٽر موهن جو دڙو سيد شاڪر شاهه سکر هجڻ سبب هٿ آيل سڪا ظاهر نه پيا ڪيا وڃن ڊائريڪٽر پنهنجي نگراني ۾ سڪن کي ظاهر ڪيو ويندو. آرڪيالاجي ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته مرمتي ڪم دوران کوٽائي ڪندي هٿ آيل ٽامي جا سڪا  2 صدي کان 5 صدي جي دور جا ٿي سگهن ٿا جڏهن ته 1922 کان 1931ع تائين ماڳ جي کوٽائي ڪندڙ ماهرن آر ڊي بئنرجي، سر جان مارشل ۽ مئيڪي کي به 4 هزار 3 سو 48  ٽامي جا سڪا هٿ آيا هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.