پاڪستان کي سليڪشن نه پر چونڊن جي ضرورت آهي: نثار کهڙو

ڪراچي ( رپورٽر ) پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي چونڊ نه پر چونڊن جي ضرورت آهي. پيپلز سيڪريٽريٽ ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نثار کهڙي چيو ته پنجاب ۾ مسلم ليگ ن جي مقبوليت ختم ٿي چڪي آهي ۽ لاهور ۾ شهباز شريف جي گاڏيءَ تي پٿراءُ ثابت ڪيو آهي ته پنجاب جو عوام نواز شريف کي ووٽ ڏيڻ نه ٿو چاهي. بلوچستان ۾ مختلف جماعتن جي سياسي ماڻهن کي ٽوڙي ن ليگ سان گڏايو پيو وڃي جيڪو عمل ڪنهن جي اشاري تي ٿيڻ ظاهر ڪري ٿو. ان موقعي تي جنرل سيڪريٽري وقار مهدي، پ پ ڪراچي ڊويزن عورت ونگ جي صدر شاهده رحماني ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا. هن چيو ته پاڪستان کي سليڪشن نه پر چونڊون گهرجن. پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي ايم ڪيو ايم سان ڪڏهن به چونڊ اتحاد نه ڪيو آهي پر اليڪشن کان پوءِ مخلوط حڪومت ٺاهڻ لاءِ حڪومتي اتحاد ضرور ڪيو ويو. هن چيو ته ن ليگ ۽ ان سان اتحاد ڪندڙ جماعتون 18 هين ترميم جي منظوريءَ وقت گڏ هيون ۽ هاڻي ايم ڪيو ايم پاڪستان سميت اِهي جماعتون 18 هين ترميم خلاف بيان ڏئي رهيون آهن. ماضيءَ ۾ عمران خان 18 هين ترميم جي خلاف هيو ۽ هاڻي هي اتحاد به 18 هين ترميم جي خلاف نظر اچي رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.