ڪراچي (رپورٽ: مهدي بلوچ) بحريا ٽائون ڪيس جي ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پاران هڪ ڀيرو ٻيهر بحريا ٽائون جي ماپ جو حڪم ڏنو ويو هو جنهن ۾ سنڌ حڪومت ۽ ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي سان گڏوگڏ بحريا خلاف پٽيشن داخل ڪندڙ ماهر قانون محمود اختر نقوي جو به نالو شامل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو هو جنهن بعد چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر محمد فخري عالم پاران قائم ڪيل سروي ڪميٽي ۾ محمود اختر نقوي جو نالو ئي شامل ناهي ڪيو ويو. چيف سيڪريٽري سنڌ پاران جاري ڪيل سروي ڪميٽي واري نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايل ميمبرن ۾ چيئرمين ڪمشنر ڪراچي هوندو جڏهن ته ڊائريڪٽر جنرل ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي، ڊائريڪٽر جنرل سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي، ڊپٽي ڪمشنر ملير، ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو، وائلڊ لائيف کاتي جو چيف ڪنزرويٽو، ڊي جي وائلڊ لائيف، سروي آف پاڪستان جو نمائندو، ڊائريڪٽر سروي اينڊ سيٽلمينٽ بورڊ آف روينيو ۽ لينڊ يوٽيلائيزيشن ڊپارٽمينٽ جو نمائندو ڪميٽي جا ميمبر هوندا،هوڏانهن محمود اختر نقوي چيو آهي ته چيف سيڪريٽري پاران ٺهيل سروي ڪميٽي ملڪ رياض جي (بي ٽيم) آهي چيف جسٽس پنهنجي ريمارڪس ۾ منهنجو نالو سروي ڪميٽي ۾ شامل ڪرڻ جو چيو هو پر منهنجو نالو شامل ناهي ڪيو ويو، ان لاءِ آئون توهين عدالت جمع ڪرڻ ۾ دير نه ڪندس. هن چيو ته ملڪ رياض اڳ ئي توهين عدالت ڪندي قومي اثاثن تي قبضو ڪيو آهي، جنهن ۾ کيرٿر نيشنل پارڪ جي زمين تي قبضو، جبلن جي ڪٽائي ۽ 13 قبرستان ڊاهي پٽ ڪيا آهن. هن چيو ته سروي ڪميٽي جي ميمبرن کي بحريه ٽائون بابت (الف ب) جي به خبر ناهي، مونکي خبر آهي ته ملڪ رياض ڪيترو قبضو ڪري چڪو آهي.