پرڏيهين جي نيڪالي جو ٻيو مرحلو، ڪارڊ رکندڙ به وڪڙ ۾ ايندا

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي حڪومت پاڪستان مان پرڏيهين جي واپسي جي ٻئي مرحلي لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. ذريعن موجب وفاقي  حڪومت پاڪستان مان پرڏيهين جي واپسي واري معاملي تي ٻئي مرحلي لاءِ ڊيٽا تيار ڪرڻ جو ڪم تيز ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب ٻئي مرحلي لاءِ پاڪستان اوريجن ڪارڊ (پي او سي) رکندڙ پرڏيهين جي ڊيٽا مڪمل ٿيڻ جي آخري مرحلي ۾ داخل ٿي وئي آهي. ذريعن موجب وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ 41 هنڌن جي جيو ٽيگنگ به ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب پي او سي هولڊرز خلاف ڪارروائي جو مدو پورو ٿيڻ بعد پي او سي جي مدي ۾ 31 ڊسمبر تائين واڌ ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.