جنيوا/غزا(م ڊ) انساني حقن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ عالمي اداري يورو-ميڊيٽيرينين هيومن رائيٽس مانيٽر چيو آهي، ته اسرائيل غزه ۾ واقع الشفا اسپتال جي عمارتن کي حراست ۽ تشدد جي مرڪز ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. اسرائيل جي فوج اسپتال تي حملي کان پوءِ عمارت اندر لاڳيتو فائرنگ جي آواز اچي رهيا آهن. جنهن سان اسپتال ۾ موجود ڪيترن ئي ماڻهن جي مارجڻ جو خطرو آهي.هاڻي اسان جو ٻاهرين دنيا سان ڪو به رابطو ممڪن ناهي. ماڻهن کان پڇا ڳاڇا لاءِ لاڳيتو هڪ فلور کان ٻئي فلور منتقل ڪيو پيو وڃي. الجزيره اکين ڏٺين شاهدين جي حوالي سان ٻڌايو ته الشفا ڪپائونڊ ۾ ڪنهن به طرح جي ڪا به مزاحمت ناهي ٿي رهي ڇو ته هتي رڳو ڊاڪٽر، مريض ۽ بي گهر ماڻهو موجود آهن. الشفا اسپتال جي ايمرجنسي روم جي ملازم عمر زقوت ٻڌايو ته اسرائيلي فوجن اسپتال ۾ پناهه ورتل ڪجهه مردن کي حراست ۾ ورتو ۽ انهن تي وحشياڻو تشدد ڪيو،هوڏانهن گڏيل قومن چيو آهي ته غزا ۾ قتل عام بند ٿيڻ گهرجي،ايران گڌيل قومن کان مطالبو ڪيو آهي ته غزا ۾ امداد لاءِ هنگامي بنيادن تي ڪوششون ڪري، جڏهن ته قطري ٽياڪڙ حماس ۽ اسرائيل وچ ۾ 50 يرغمالين جي آزادي ۽ 3 ڏينهن جي جنگ بندي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن،ڊيل جي حوالي سان آمريڪا سان به رابطو ڪيو ويو آهي، ٽيلي ڪام ڪمپني چيو ته غزا ۾ ڪجهه ڪلاڪن اندر سروسز معطل ٿي وينديون،اردن جي پرڏيهي وزير چيو ته سلامتي ڪائونسل جي خاموشي الشفا اسپتال ۾ بربريت جوسبب بڻي، ڪئناڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو نيتن ياهو کان سوشل ميڊيا تي مطالبو ڪيو ته اسرائيل فوجي آپريشن کي لغام ڏئي، غزا اسپتال جا واقعا دل ڏاريندڙ آهن