اسلام آباد ( م ڊ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سائفر ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي ضمانت واري درخواست رد ڪندي لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق لکت ۾ فيصلو جاري ڪندي سائفر ڪيس ۾ استغاثه خلاف شاهه محمود قريشي جي درخواست به رد ڪري ڇڏي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪيس جو ٽرائل 4 هفتن ۾ مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته جيل سپرنٽينڊنٽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته جوابدارن جي عزت ۽ وقار متاثر نه ٿئي. فيصلي ۾ چيو ويو ته جيل ٽرائل جو مطلب ان ڪيمرا ٻڌڻ نه پر اوپن ٽرائل آهي، جيل اختيارين ۽ حڪومت کي گهرجي ته سيڪيورٽي کي نظر ۾ رکندي جيترو ٿي سگهي ماڻهو عدالتي ڪارروائي ڏسي سگهن. عدالت حڪم ڏنو ته ڪيس جي اوپن ۽ شفاف ٽرائل کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو وڃي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين وڏي سياسي پارٽي جو سربراهه آهي، سندس سڪيورٽي سبب جيل ۾ ٽرائل هلي رهيو آهي، سندس خاندان اڳ به سڪيورٽي خدشن جو اظهار ڪري چڪو آهي هر ٻڌڻي تي جيل مان عدالت آڻڻ پي ٽي آءِ چيئرمين لاءِ سڪيورٽي خدشا پيدا ڪري سگهي ٿو.