اسلام آباد (م ڊ) وفاقي حڪومت فيض آباد ڌرڻي ڪيس ۾ سُپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد لاءِ ٽي رڪني انڪوائري ڪميشن قائم ڇڏي . فيض آباد ڌرڻي ڪيس جي فيصلي تي عملدرآمد لاءِ جوڙيل انڪوائري ڪميشن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. وفاقي حڪومت پاران رٽائرڊ آءِ جي اختر علي شاهه جي سربراهي ۾ انڪوائري ڪميشن جوڙي وئي آهي. ٽي رڪني ڪميشن ۾ اڳوڻو آءِ جي طاهر عالم ۽ ايڊيشنل گهرو سيڪريٽري خوشحال خان به شامل آهي. انڪوائري ڪميشن ٻن مهينن اندر پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي، ڪميشن ٽي ايل پي جي غيرقانوني امداد ڪرڻ وارن جي جاچ ڪندي، انکانسواءِ فيض آباد ڌرڻي جي حق ۾ بيان ۽ فتويٰ ڏيڻ وارن خلاف ايڪشن جي تجويز ڪندي. نوٽيفڪيشن موجب، انڪوائري ڪميشن تعين ڪندي ته ڪنهن پبلڪ آفيس هولڊر قانون جي ڀڃڪڙي ته ناهي ڪئي، انڪوائري ڪميشن فيض آباد ڌرڻي جي ذميوارن خلاف ايڪشن تجويز ڪندي. ان کانسواءِ انڪوائري ڪميشن پيمرا رولز جي ڀڃڪڙي ڪرڻ وارن ڪيبل آپريٽرن ۽ براڊ ڪاسٽرن خلاف جاچ ڪندي، ڪميشن ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي نفرت ۽ تشدد پکيڙڻ جي جاچ ۽ ان کان بچاءَ جون تجويزون ڏيندي. سرڪاري پڌرائي موجب، ڪميشن تعين ڪندو ته ڳجهيون ايجنسيون، سرڪاري ملازم يا شخصيتون فيض آباد ڌرڻي ۾ ملوث آهن يا نه، ڪميشن پوليس، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ڌرڻن، ريلين، احتجاج کي منهن ڏيڻ لاءِ تجويزون پڻ ڏيندي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ فيض آباد ڌرڻي ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيو ته پاڪستان مذاق نه آهي جو جڏهن چاهيو درخواست داخل ڪرائي ۽ جڏهن چاهيو درخواست واپس وٺي ڇڏي، نظرثاني درخواستون ايڏي عرصي تائين مقرر نه ٿيڻ تي اسان جي مٿان به سوال اٿن ٿا.رمارڪس ۾ وڌيڪ چيف جسٽس چيو ته ڇا سپريم ڪورٽ کي ان وقت عدالت کان ٻاهر ويٺل قوتون ڪنٽرول ڪري رهيون هيون؟ اسان تنقيد برداشت ڪيون ٿا پر سسٽم کي استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين.چيف جسٽس چيو ته سڀني کي خبر آهي ته درخواستون ڪنهن داخل ڪرايون، پر ڪير به ڳالهائي نه ٿو، اسان جو ٻيو ڪير دشمن نه آهي اسان پنهنجا دشمن پاڻ آهيون، درخواست واپس وٺڻي هئي ته پوءِ داخل ڇو ڪرائي وئي؟هن چيو ته اميد ٿا ڪيون ته وفاقي سرڪار جي جوڙيل انڪوائري ڪميشن حقيقتن جو پتو لڳائيندي .