ڀارت نيوزيلينڊ کي شڪست ڏئي ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ پهچي ويو

ممبئي ( م ڊ )  ورلڊ ڪپ جي پهرين سيمي فائنل ۾ ڀارت محمد شامي جي تباهه ڪندڙ بالنگ سبب نيوزيلينڊ کي شڪست ڏئي ايونٽ جي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو. ممبئي جي وانخيڊا اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڀارت نيوزيلينڊ کي کٽڻ لاءِ 398 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو، جنهن جي پويان ڪيوي ٽيم 327 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. ڀارتي فاسٽ بالر محمد شامي 7 وڪيٽون ورتيون، کيس ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. نيوزيلينڊ جي شروعات سٺي نه رهي ۽ ٻئي اوپنر ڊيون ڪونوي ۽ راچن رويندرا 13 ۽ 13 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويا، اهڙي صورتحال ۾ ڊيرل مچل ۽ ڪپتان ڪين وليمسن وچ ۾ 181 رنسن جي پارٽنرشپ قائم ٿي. محمد شامي 7 وڪيٽون وٺڻ کان علاوه جسپريت بمرا، ڪلديپ ياديو ۽ محمد سراج هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. ڀارت نيوزيلينڊ خلاف ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ ڪپتان روهت شرما شوبمن گل سان گڏ اننگز جي شروعات ڪئي. ٻنهي بيٽسمينن ٽيم کي جارحاڻي شروعات ڏني ۽ 8.2 اوورن ۾ اسڪور کي 71 رنسن تائين پهچايو. روهت شرما پنهنجي اننگ دوران ورلڊ ڪپ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڇڪا هڻڻ جو رڪارڊ به پنهنجي نالي ڪري ورتو. روهت شرما نيوزيلينڊ خلاف 50 هون ڇڪو هڻي ويسٽ انڊيز جي اڳوڻي بيٽسمين ڪرس گيل کي پوئتي ڇڏي ڏنو. ويرات ڪوهلي ۽ شرياس اير وچ ۾ ٻي وڪيٽ لاءِ 164 رنسن جي شاندار پارٽنرشپ ڀارت کي وڏي هدف تائين پهچايو. ويرات ڪوهلي 117 رنسن جي اننگز کيڏڻ بعد آئوٽ ٿي ويو. جڏهن ته شرياس اير 70 بالن تي 105 رنسون ٺاهيون. آخري لمحن ۾ ڪي ايل راهول 39 رنسن جي جارحاڻي اننگز کيڏي پنهنجي ٽيم کي مقرر 50 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 397 رنسن تائين پهچايو. نيوزيلينڊ طرفان ٽم سائوٿي 100 رنسون ڏئي 3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. ٽرينٽ بولٽ 10 اوورن ۾ 80 رنسون ڏئي هڪ وڪيٽ ورتي.نيوزيلينڊ خلاف سيمي فائنل ۾ ويرات ڪوهلي ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ ڀارتي ليجنڊ سچن ٽنڊولڪر جي 49 سينچرين جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. ڪوهلي جي ون ڊي سينچرين جو انگ 50 ٿي ويو آهي. هن اهو سنگ ميل 291 هين ون ڊي ۾ پار ڪيو. ان کان اڳ سچن ٽنڊولڪر 463 ون ڊي ميچن ۾ 49 سينچريون اسڪور ڪيون هيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.