سعد خالد سان اختلاف رد،نگران حڪومت وٽ روبوٽس خريداري لاءِ فنڊ ٻئي هنڌ خرچڻ جو اختيار ناهي: مقبول باقر

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر دوري تي آيل پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي سان گڏ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪولر ڊيزيز (NICVD) جو دورو ڪيو، پنجاب جي وڏي وزير انسٽيٽيوٽ ۾ مريضن  جي سهولتن، علاج ۽ ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ته جيئن هو پنهنجي صوبي ۾ اهڙو ئي ادارو قائم ڪري سگهجي. اين آءِ سي وي ڊي جي نئين ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر طاهر صغير وڏي وزير کي ٻڌايو ته ايمرجنسي کان وٺي اوپن هارٽ سرجري، اينجيوپلاسٽي ۽ اينجيوگرافي تائين سمورا علاج مفت ڪيا پيا وڃن. ميڊيا سان ڳالهائيندي پنجاب جي وڏي وزير چيو ته سندس اين آءِ سي وي ڊي جي دوري جو مقصد ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۽ علاج ۽ سار سنڀال جي معيار جو جائزو وٺڻ هو ته جيئن پنجاب ۾ به اهڙو ادارو قائم ڪري سگهجي. سنڌ جي وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر چيو ته سندس نگران وزير صحت سان ڪوبه تڪرار ناهي. هن چيو ته هي مينڊيٽ جو سادو معاملو آهي جنهن جي غلط تشريح ڪئي پئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته سرجري لاءِ روبوٽس جي خريداري لاءِ بجيٽ صوبائي اسيمبلي مان پاس ڪئي وئي جڏهن ته روبوٽس جي خريداري جو ٽينڊر گذريل حڪومت جاري ڪيو هو وڏي وزير هڪ ٻئي معاملي تي غلط فهمي ۾ مبتلا ماڻهن بابت ميڊيا کي ٻڌايو ته روبوٽس جي خريداري لاءِ فنڊن جي ٻيهر ورهاست جو معاملو به گردش ۾ آهي، جسٽس باقر جو چوڻ هو ته نگران حڪومت هجڻ سبب کين منظور/مختص فنڊز (روبوٽس لاءِ) ٻيهر ورهائڻ جو اختيار ناهي وڏي وزير چيو ته ماهرن کيس ٻڌايو آهي ته چائنا جي روبوٽس جي قيمت گهٽ آهي تنهنڪري ان آپشن تي غور ڪيو پيو وڃي. ٻنهي وڏن وزيرن سنڌ ۽ پنجاب جي دريائي علائقن ۾ ڌاڙيلن خلاف گڏيل ڪلين اپ آپريشن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. جسٽس باقر ۽ محسن نقوي اتفاق ڪيو ته جيڪي هٿيار خريد ڪيا ويا اهي جلد ملي ويندا، تيستائين سنڌو درياهه ۾ پاڻي گهڻو هيٺ اچي چڪو هوندو ۽ آپريشن شروع ڪرڻ ۾ ڪو مسئلو به نه ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.