بهرام ڀرسان درگاهه جي مک دروازي تي ناري ڪارنهن الزام هيٺ قتل

بھرام/ شهدادڪوٽ (نمائندن وٽان) بهرام ڀرسان درگاھ حاڪم علي شاھ پٽواري جي مک دروازي تي ڪارنھن الزام ھيٺ ناري قتل ٿي وئي، ڳوٺ حسين بخش مگسي جي رھواسڻ 23 سالن جي ناري افسانا ڌيءَ دلمراد مگسي کي ھٿياربندن  پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري فرار ٿي ويا، بھرام پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائي وارثن حوالي ڪيو، ميڊيا سان ڳالهائيندي مقتول ناري جي ناني خاڪي فقير ٻڌايو ته گذريل رات افسانا کي  نظام ولد جمن مگسي سان ڪارنھن جو الزام لڳايو ھو جنهن کي سام طور درگاھ جي حويلي وٺي وڃي رھيو ھيس ته درگاھ جي گيٽ اڳيان نياڻي کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو، درگاھ جي سجاده نشين سيد علي حيدر شاھ شمسي چيو ته نياڻي سام طور حويلي وڃي رھي هئي ته کيس قتل ڪيو ويو، پوليس موجب ٻڌايو پيو وڃي ته قربان مگسي سميت 2 جوابدارن ڳوٺ حسين بخش مگسي واسڻ 23ورهين جي افسانه مگسي کي گوليون هڻي قتل ڪيو، معاملي جي جاچ ڪيون پيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.