اسلام آباد(م ڊ) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو.ذريعن موجب وفاقي ڪابينا نظرثاني ٿيل حج پاليسي 2024 جي منظوري ڏئي ڇڏي.حج پاليسي بابت 3 رڪني وزارتي ڪميٽي جي سفارشن تي تبديلين جي منظوري ڏني وئي.بجلي فراهم ڪندڙ ڪمپني ۽ واپڊا آفيسرن جي مفت بجلي ختم ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي، گريڊ 17 کان 22 تائين جي آفيسرن کي مفت بجلي بدران ڪيش ڏنا ويندا.جاري ڪيل پڌرائي موجب سعودي عرب ۽ قطر سان ٻطرفن سيڙپڪاري معاهدن تي ڳالهيون ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.وفاقي ڪابينا حج پاليسي 2024ع ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي، سرڪاري ۽ پرائيويٽ اسڪيمن جو غير استعمال ٿيل اسپانسر ڪوٽا سعودي حڪومت کي واپس ڪيو ويندو.بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايندڙ سال 179210 عازمين حج تي ويندا جن مان 50 سيڪڙو سرڪاري اسڪيم ۽ 50 سيڪڙو پرائيويٽ اسڪيم تحت ويندا.
-
شهباز شريف جي اسلم ۽ لشڪري رئيساڻي سان ملاقات، ن ليگ ۾ شموليت دعوت
ڪوئيٽا ( م ڊ ) مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته بلاول ڀٽو ننڍي ڀاءُ وانگر آهي، اسان 16 مهينا گڏ ڪم ڪيو آهي. اسان کي مضبوط سياست ڏانهن وڌڻ گهرجي ڇو ته روئڻ ۽ الزام هڻڻ سان ڪجهه به نه ٿيندو. ڪوئيٽا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته اسان کي گڏجي صوبي کي خوشحال بڻائڻو آهي، معاشي ۽ سماجي مسئلا گڏجي حل ڪرڻا آهن، بلوچستان جي ترقي لاءِ نوازشريف جون عملي ڪوششون قوم جي سامهون آهن. جڏهن ته گذريل حڪومت جي چئن سالن ۾ تباهي ۽ بربادي هئي. هن چيو ته هو لشڪري رئيساڻي کي مسلم ليگ (ن) ۾ شموليت جي دعوت ڏيڻ آيو آهي، سندس شموليت سان پارٽي مضبوط ٿيندي، سياسي اڪابر ن ليگ ۾ شامل ٿي ويا آهن، بلوچستان جي سياسي پارٽين جي اڳواڻن سان ملاقات ٿي آهي، مان تمام گهڻو مطمئن آهيان. شهباز شريف چيو ته سردار اياز صادق ۽ شيخ جعفر مندوخيل لشڪري رئيساڻي سان معاملا طئي ڪندا، بلوچ، پشتون، سيٽلرز ۽ هزاره ماڻهن جي صوبي ۾ خدمت ٿيل آهي.
-
فوج جي سربراهه نظام بهتر ڪرڻ واري ڳالهه بيان جي حد تائين ڪئي آهي: حافظ نعيم
ڪراچي (رپورٽر ) جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي ڦوڪڻي ۾ هر پاسي کان سوراخ ٿي ويا آهن ۽ جيڪي هن ۾ هوا ڀرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، انهن جا ڦڦڙ خراب ٿي پوندا، آمريڪا فلسطيني عوام جي قتل ۾ ملوث آهي، آمريڪا جي غلامي ختم ڪرڻ گهرجي، افغان پناهگيرن کي عزت سان واپس ڪيو وڃي ۽ انهن جي شهريت جو به خيال رکيو وڃي. ڪراچي پريس ڪلب ۾ ميٽ دي پريس کي خطاب ڪندي حافظ نعيم چيو ته فوجي سربراهه ملڪ جي خراب نظام کي بهتر ڪرڻ واري ڳالهه صرف بيان ڏيڻ جي حد تائين ڪئي آهي. حافظ نعيم چيو ته 76 سال گذرڻ باوجود ملڪ ۾ جمهوريت جي نالي تي تماشو ٿي رهيو آهي، اسٽيبلشمينٽ ٻن پارٽين کي واري واري سان مٿي کڻي اچي ٿي ۽ اسٽيبلشمينٽ جي طاقت پويان سردارن ۽ جاگيردارن جي عوام سان غداري وارو ڪردار آهي هاڻي بلوچستان ۾ چڳا ڀلا وڪرو ٿي رهيا آهن. جماعت اسلامي جي اڳواڻ چيو ته سنڌ جي صحت واري وزير جو اربين رپين جي روبوٽ خريد ڪرڻ واري ڳالهه درست آهي ۽ نگران وڏي وزير طرفان گذريل حڪومت جي غلط فيصلن کي رد ڪرڻ گهرجي ۽ اسپتالن جو ماحول بهتر ڪيو وڃي.
-
بشريٰ بي بي پاران عمران خان سان اڪيلائي ۾ ملاقات لاءِ درخواست داخل
اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي پنهنجي مڙس سان اڪيلائي ۾ ملاقات لاءِ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته عدالت جي حڪم تي پي ٽي آءِ چيئرمين سان هر اڱاري تي ملاقات جي اجازت آهي پر جيل اختيارين جي موجودگي ۾ ملاقات سبب گهرو معاملن تي ڳالهه ٻولهه نٿي ٿي سگهي. بشريٰ بي بي پنهنجي درخواست ۾ استدعا ڪئي آهي ته اڊيالا جيل سپرنٽينڊنٽ کي حڪم ڏنو وڃي ته مڙس سان اڪيلائي ۾ ملاقات ڪرائي وڃي.
-
عدالتي حڪمن باوجود آزاد نه ڪرڻ تي خديجه شاهه جي توهين عدالت جي درخواست
لاهور(م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ حڪمن باوجود آزاد نه ڪرڻ تي فيشن ڊزائينر خديجه شاهه جي آءِ جي پنجاب سميت ٻين خلاف توهين عدالت جي درخواست تي سرڪاري وڪيل کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس علي باقر نجفي فيشن ڊزائينر خديجه شاهه جي آءِ جي پنجاب خلاف توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت پراسيڪيوٽر کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا آءِ جي جو جواب اچي ويو آهي، سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته 10 تاريخ تي موڪل هئي جنهن سبب جواب جمع نه ٿي سگهيو.