ڪراچي ۾ قديم خميسا جوڳي ڳوٺ تي ڪاهه، عورتن ۽ ٻارڙن مٿان فائرنگ

گلشن اقبال (رپورٽ: شفقت نوناري) ڪراچي جي سنڌي وسندي قديم خميسا جوڳي ڳوٺ تي اسسٽنٽ ڪمشنر ايئرپورٽ ۽ ڊي ايس پي ملير  ڪينٽ طرفان ڪاهه ڪري عورتن ۽ ٻارڙن مٿان فائرنگ ڪئي وئي. ڳوٺاڻن جي سخت مزاحمت بعد انتظاميا ڳوٺ جي مک ڀت ڊاهي واپس راوني ٿي وئي. ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن گولين جا کول کڻي راشدي ڳوٺ جو مک روڊ بند ڪري 4 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو، جنهن بعد علائقي جي چڱن مڙس ۽ چونڊيل نمائندن زرتاش ملڪ، صابر مگسي، علي گوهر ابڙو، معزز فريد ميمڻ، حميد مگسي ۽ ٻين احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪري روڊ کولرايو.  احتجاج ڪندڙ لياقت جوڳي، رمضان جوڳي ۽ ٻين چيو ته انتظاميا بنا ڪنهن نوٽيس جي چڙهائي ڪري سڌيون گوليون هلايون آهن، 60 سالن کان آباد آهيون بنا ڪنهن اطلاع يا نوٽيس جي گهرن تي پوليس ڌاڙيلن جي جيان ڪاهه ڪري عورتن ۽ ٻارڙن کي تشدد جو نشانو بڻايو آهي، هنن چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، آءِ جي سنڌ رفعت بختيار سميت لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.