ڪراچي ۾ حيدرآباد واسي آن لائين ٽيڪسي ڊرائيور جو قاتل گرفتار

ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) حيدرآباد کان ڪراچي ايندڙ آن لائن ٽيڪسي ڊرائيور کي قتل ڪندڙ  جوابدار کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي ٽيڪسي ڊرائيور کي قتل ڪندڙ جوابدار صمد ميڊيا کي بيان ڏيندي چيو ته هن آن لائن گيم کان متاثر ٿي ڪار جيڪنگ ايڊونچر ۾ شاهزيب کي قتل ڪيو. جوابدار جو چوڻ هو ته هن شاهزيب جي ڪار آن لائين بڪ ڪرائي، ڪار اسڪيم 33 ۾ سميرا چوڪ وٽ پهتي ته پستول ڏيکاريندي ڪار کي روڪيو ۽ شاهزيب کي ڪار پاسي تي ڪرڻ لاءِ چيو، ۽ فائرنگ ڪري ڏني. جاچ آفيسرن جو چوڻ آهي ته واقعي واري هنڌ جي جيو فينسنگ شروع ڪئي وئي آهي، هو ڪار ٽريڪر ڪمپني سان به رابطي ۾ آهن، شاهزيب ڪراچي اچڻ وقت 10 منٽن تائين هڪ هوٽل تي ڪار روڪي هئي، ڪار مان هوٽل جي چين ملي هئي  ان چين ۾ شاهزيب جي گهر جي چاٻي هئي هوٽل جي عملي کان به ڪار ۾ سوار ماڻهن بابت پڇا ڳاڇا ڪئي وئي آهي. مقتول جي والد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پٽ ڪوٽڙي کان ڪورنگي لاءِ مسافر کڻي آيو هو، شاهزيب کي ٻي سواري گلزار هجري تي ملي هئي. مقتول جي پيءُ چيو ته رات جي وقت پٽ جو موبائل فون بند هو، ڪار جو ٽريڪر به بند هو، پٽ جو لاش صفورا چورنگي وٽ جهنگ مان مليو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.